لنڊن(م ڊ) بي بي سي جي ڏکڻ ايشيا لاءِ علائقائي ايڊيٽر امبراسن ايتھيراجن جي تجزيي مطابق، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ چار ڏينهن جاري ڇڪتاڻ کانپوءِ هڪ وڏو ٽڪراءُ عارضي طور ٽري ويو آهي، جنهن ۾ آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي دشمن ملڪن جي وچ ۾ اهم ٽياڪڙ وارو ڪردار ادا ڪيو.تجزيي موجب، هن تازي ڇڪتاڻ ۾ ڀارت فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن ته پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪندي پاڻ کي هڪ فاتح قوت طور مڃرائي ورتو، ۽ پاڪستاني عوام به مڪمل طور پنهنجي فوج سان گڏ نظر آيو،جنگ بندي کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي پنهنجي پنهنجي ڇانوڻين ۾ واپس وڃي، هن تڪرار ۾ ٿيل فائدن ۽ نقصانن جو حساب ڪتاب ڪري رهيا هوندا، جڏهن ته صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي عالمي امن قائم ڪندڙ (پيس ميڪر) طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.هن اڳڀرائي جي بنياد تي ٽرمپ جو پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به پنهنجي پهرين وڏي سفارتي ڪاميابي جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو،پاڪ فوج پنهنجي قوم کي ٻڌائي سگهي ٿي ته ڪيئن هن ڀارتي جارحيت کي ناڪام بڻايو.مجموعي طور تي، دهليءَ کي هاڻي اهو احساس ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان، هوائي طاقت ۾ ڀارت جي امڪانن کان وڌيڪ سگهارو آهي، ۽ ڀارت جي اربين رپين جي هٿيارن جي خريداري به ڪامياب ۽ فيصلائتي حملو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.