آپريشن ”بُنُيَان مَرصُوصُ“ ذريعي ڀارت تي جوابي حملا، هوائي اڏا ۽ دفاعي نظام تباهه

اسلام آباد/راولپنڊي(بيورو رپورٽ/م ڊ) ڀارت جي جنگي جنون کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان طرفان آپريشن ”بُنيانٌ مَرصُوصٌ“ جي نالي سان شروع ڪيل جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جا ڪيترائي هوائي اڏا،  چيڪ پوسٽون ۽ فوجي ٿاڪ تباهه ڪيا ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيندي بياس واري علائقي ۾ براهموس ميزائل اسٽوريج سائيٽ، اڌمپور، پٺاڻ ڪوٽ، آدمپور ۽ ڀارت جي بريگيڊ هيڊڪوارٽر ”جي ٽاپ“ تي ڪامياب حملا ڪيا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هوائي فوج جي جي ايف 17 ٿنڊر جهازن هائپر سانڪ ميزائلن ذريعي آدمپور ۾ موجود ڀارتي ايس-400 دفاعي نظام کي نشانو بڻايو، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 1.5 ارب ڊالر آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان جاري ڪارروائي دوران بياس ۾ موجود اسٽوريج ڪمپليڪس مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو، جتان پاڪستان تي حملا ڪيا ويا هئا. ڀارتي هواوالا هيڊڪوارٽر ”هلوارا ايئر فِيلڊ“ کي به نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته آدمپور، ڀٽنڊا، سورت ڳڙهه، مامون، اکنور، ڄمون، سرسا ۽ برنالا جا هوائي اڏا اڳ ۾ ئي تباهه ڪيا ويا هئا.  پھڪليان سيڪٽر ۾ به پاڪ فوج ڀارتي پوسٽن کي نشانو بڻايو، جتي ربتان والي پوسٽ، جزيره پوسٽ ڪمپليڪس، ڪافر مهري، شاهپر ، ۽ غدر ٽاپ سميت ڪيتريون ئي چوڪيون تباهه ڪيون ويون. ان کانسواءِ پير ڪانٺي سيڪٽر ۾ قلعو ڍير، گرين پليٽو ۽ جنگل ون پوسٽ ۽ ڌودي سيڪٽر جي سامهون ”نيو ڪمپليڪس“ به نشانو بڻيو. پاڪستان جي جوابي حملن دوران پاڪ فوج جي ” نعره تڪبير الله اڪبر“ جي نعري سان فضا گونجي اُٿي ۽ پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو اثرائتو جواب ڏئي رهي آهي. اُڌمپور ايئر بيس کي پاڪستان طرفان فائر ڪيل ٽن ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو، جنهن کان پوءِ اتي باهه لڳي وئي ۽ شديد افراتفري واري صورتحال پيدا ٿي وئي. تباهه ٿيل براهموس اسٽوريج سائيٽ جي وڊيو منظر عام تي اچي چڪي آهي، جنهن ۾ چٽي نموني ڌماڪن جا منظر، دونھون ۽ باهه جا شعلا ڏسي سگھجن ٿا.سڪيورٽي ذريعن موجب، هي ڪارروائي ڀارت کي اهو پيغام ڏيڻ لاءِ آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي تي ڪنهن به قيمت تي سوديبازي نه ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.