اسلام آباد/نئين دهلي(ڊي ڊبليو)پاڪستان ۽ ڀارت جي رٽائرڊ فوجي آفيسرن، سفارتڪارن، خفيه ادارن جي اهلڪارن، صحافين ۽ شهري سماج جي نمائندن تي ٻڌل غير سرڪاري سطح جي پردي پٺيان سفارتڪاري، جنهن کي ٽريڪ ٽو ڊپلوميٽسي سڏيو وڃي ٿو، ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن قائم رکڻ لاءِ خاموش پر بنيادي ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. پر هاڻ ان ۾ گهٽ دلچسپي، گڏوگڏ ورهاڱي وقت جي نسل جو خاتمو، هن پردي پٺيان سفارتڪاري کي وڏي حد تائين غيرمقبول بڻائي ڇڏيو آهي.ان کان اڳ، ڪيترائي يورپي ۽ ٻيا ملڪ، جيڪي امن جا خواهشمند هئا، ٽريڪ ٽو گروپن کي مالي مدد ڏيندا هئا، پر هاڻ انهن فنڊن جو سلسلو بند ٿي ويو آهي،هڪ سرگرم گروپ سافما جي اڳواڻ امتياز عالم موجب وزيراعظم نريندر مودي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ٽريڪ ٽو جي سرگرمين ۾ گهٽتائي آئي. ٽي وي چينلن پنهنجي ريٽنگز لاءِ جنگي جنون کي هوا ڏيڻ شروع ڪئي. تازو، ڪشمير جي پهَلگام علائقي ۾ سياحن تي حملي کان پوءِ آن لائين نفرت وڌي وئي، امن جو آواز دٻجي ويو ۽ حڪومتون خاموش تماشائي بڻجي ويون،ڀارتي ٿنڪ ٽئنڪ سينٽر فار پيس اينڊ پروگريس جي اڳواڻ اوپي شاه پَهَلگام حملو گذرڻ کان پوءِ بمشڪل ٻنهي ملڪن جي امن پسند ماڻهن هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو، جنهن جو اثر نه هجڻ جي برابر هو.سينيئر صحافي ونود شرما چيوته نفرت اميد کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. جيڪو امن جي ڳالهه ڪري ٿو، سو غدار سڏجي ٿو،ريتا منچندا چيو ته ڀارت ۾ امن لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۾ خوف جو ماحول آهي. اڄ ٽريڪ ٽو ٻنهي ملڪن ۾ يتيم بڻجي چڪو آهي. مين اسٽريم ۽ سوشل ميڊيا رڳو دشمني کي وڌائين ٿيون،هن چيو ته اسان ڪٿي نه ڪٿي نوجوان نسل وڃائي ويٺا آهيون. اڄ جي نسل کي نفرت پکيڙيندڙ وائرل مواد متاثر ڪري ٿو، امن ڪي آشا سان ڳنڍيل بينا سرورچيو ته سول سوسائٽي کي امن جي قيمت جو اندازو هوندو، هوءَ سوال ڪندي چوي ٿي جيڪڏهن فرانس ۽ جرمني، جيڪي سالن تائين هڪ ٻئي جا دشمن رهيا، گڏجي ترقي ڪري سگهن ٿا، ته ڀارت ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري ڇو نه بڻجي سگهن ٿا؟