آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي ٽياڪڙي ۾ پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ "فوري ۽ مڪمل سيز فائر تي اتفاق ٿيو ويو آهي.“پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ان جي تصديق ڪندي چيو ته "پاڪستان هميشه خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي سمجهوتو ناھي ڪيو .”ٻئي طرف، هندستاني پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر ايڪس تي چيو ته هندستان ۽ پاڪستان "فائرنگ ۽ فوجي ڪارروائي روڪڻ تي هڪ معاهدي تي متفق ٿيا آهن.”
بھرحال هن چيو ته هندستان جو دهشتگردي خلاف هڪ مضبوط موقف آهي جيڪو ھو اختيار ڪندو رهندو.ھوڏانھن هندستاني پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مسري پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ بندي جي تصديق ڪندي چيو ته "پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز (ڊي جي ايم او) اڄ ڏينهن 3:35 تي هندستان جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز سان ڳالهايو ۽ اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ زمين، هوائي ۽ سمنڊ تي مڪمل جنگ بندي هندستاني وقت مطابق شام 5 وڳي کان ٿيندي.”هن چيو ته "ان کان پوءِ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻي ملاقات 12 مئي تي منجهند 12 وڳي (هندستاني وقت موجب) ٿيندي.”
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات آمريڪي ٽياڪڙي هيٺ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ‘فوري ۽ مڪمل سيزفائر’ تي اتفاق ٿيو آهي.پاڪستان پاران ڇنڇر (10 مئي) جي صبح جو سوير هندستان خلاف جوابي حملي جي اعلان کان پوءِ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پاڪستان جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان رابطو ڪيو ۽ "ٻنهي ڌرين (پاڪستان ۽ هندستان) تي زور ڏنو ته اهي تڪرار کي گهٽائڻ جا طريقا ڳولين.”. هن مستقبل ۾ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ "ڳالهايون شروع ڪرڻ لاءِ آمريڪي ٽياڪڙي” جي آڇ پڻ ڪئي.
هندستان 7 مئي تي پاڪستان ۽ ان جي انتظام هيٺ ڪشمير تي ميزائل حملا ڪيا، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 33 شهري مارجي ويا.جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات پاڪستان هندستان مٿان ۽ پنھنجي فوجي ٺڪاڻن تي حملي جو الزام لڳايو ۽ دعويٰ ڪئي ته هندستان راولپنڊي جي نور خان ايئر بيس، شورڪوٽ ايئر بيس ۽ مريد ايئر بيس تي هوا کان زمين تي مار ڪندڙ ميزائلن سان نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. فوجي ترجمان وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته هندستاني حملي جي نتيجي ۾ هوائي فوج جا سڀئي اثاثا محفوظ آهن. جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات پاڪستاني فوج هندستاني حملي خلاف جوابي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ آپريشن کي ‘بنيان مرصوص ‘ جو نالو ڏنو.
ٻئي ملڪ ڪيترن ئي ڏينھن کان هڪ ٻئي تي ڊرون حملن، ميزائل لانچن ۽ لائين آف ڪنٽرول جي مسلسل ڀڃڪڙين جا الزام لڳائي رهيا آهن ۽ انهن ڪاررواين جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ٻنهي ايٽمي هٿيارن رکندڙ ملڪن جي وچ ۾ تڪرار کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ لاءِ سفارتي ڪوششون پڻ ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.جنھن ۾روس، برطانيه ۽ ايران سميت ڪيترائي ملڪ شامل آھن. جن ٻنھي ڌرين کي جنگ کان پاسي ڪرڻ جي صلاح ڏني آھي ۽ پڻ ٽياڪڙي جي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ جي آڇ ڪئي آھي.ماضي جي ڀيٽ ۾ ھن ڀيري ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪ ڇڪان گهٽجندي نظر نھ پئي اچي.هي پهريون ڀيرو ناهي جو پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڇڪتاڻ وڌي آهي.
ڇهه سال اڳ، 2019 ۾، ٻئي ملڪ جنگ جي ويجهو پهچي چڪا هئا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ هوائي ٽڪراءُ پڻ ٿيو هو، پاڪستان هڪ هندستاني جهاز کي تباهه ڪيندي ان جي پائلٽ کي گرفتار ڪيو ھو. 2019 ۾ پلواما حملي وقت، صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ اقتدار ۾ هو. ان وقت جي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ٻه ايٽمي طاقتون مڪمل جنگ جي ڪناري تي هيون، پر آمريڪي مداخلت بحران کي روڪي ورتو.هن ڀيري به ساڳيو سوال اڀري رهيو آهي تھ ڇا آمريڪا ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪندو ؟
پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڇڪتاڻ جي شروع ٿيڻ کان وٺي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻه ڀيرا هن مسئلي تي ڳالهايو آهي ۽ اربع تي پنهنجي آخري بيان ۾ هن چيو ته، "هيءَ صورتحال افسوسناڪ آهي. منهنجا ٻنهي (هندستان ۽ پاڪستان سان سٺا لاڳاپا آهن. مان ٻنهي کي سڃاڻان ٿو ۽ مان چاهيان ٿو ته اهي هن مسئلي کي حل ڪن ۽ ٻئي رڪجي وڃن.ان کان اڳ صدر ٽرمپ چيو هو ته "اهي هزارين سالن کان ڪشمير لاءِ وڙهي رهيا آهن.” مان ٻنهي پاسن جي اڳواڻن کي سڃاڻان ٿو. اهي هن مسئلي کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حل ڪري وٺندا. ھن ڀيري گھڻي ڇڪتاڻ آھي، پر اها تھ هميشه کان آهي.”گذريل ڏينھن آمريڪي نائب صدر ،جي ڊي وينس پڻ ‘فاڪس نيوز’ کي هڪ انٽرويو ڏنو. جنهن ۾ هن چيو ته ‘ڀارت حملو ڪيو، پاڪستان جواب ڏنو.’ "ٻنهي ملڪن کي ٿڌي دماغ سان سوچڻ گهرجي. پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ جنگ ايٽمي جنگ ۾ نه بدلجڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته تمام گهڻو نقصان ٿيندو.آمريڪا هندستان يا پاڪستانين کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ نٿو چئي سگهي.“
آمريڪا جي اھڙي رويي بعد سوال اڀري رھيو آھي تھ ڇا پاڪستان ۽ هندستان جي معاملن ۾ آمريڪي دلچسپي گهٽجي رهي آهي ؟ تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪا شايد هن ڀيري هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ماضي جي مقابلي ۾ گهڻو ڪجهه نه ڪري سگهندو.آمريڪي تجزيه نگار مائيڪل ڪوگلمين جو چوڻ آهي ته آمريڪا 1999 ۽ 2019 ۾ پاڪستان ۽ هندستان ۾ٽياڪڙي لاءِ سرگرم هو، پر هن ڀيري آمريڪا شايد گهڻو سرگرم نظر نه اچي.
آمريڪي نائب صدر، جي ڊي وينس جي بيان جي حوالي سان مائيڪل ڪوگلمين چيو ته "منهنجو خيال آهي ته وينس جو بيان ٽرمپ انتظاميه جي پرڏيهي پاليسي جي عڪاسي ڪري ٿو.” ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ” آمريڪا کي بين الاقوامي معاملن ۾ گهڻي مداخلت ڪرڻ جي ضرورت ناهي ۽ آمريڪا هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ چاهي ٿو، پر آمريڪا ڌرين جي وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ لاءِ گهڻو اڳتي نه ويندو ۽ هي پهرين ٽرمپ انتظاميه جي مقابلي ۾ هڪ وڏي تبديلي هوندي.”. جڏھن تھ ڪن ٻين تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي اڳواڻن جي ڪجهه بيانن مان اهو نتيجو ڪڍڻ درست نه هوندو ته آمريڪا هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ هٻڪي رهيو آهي.
آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير مليحه لوڌي بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته "آمريڪا بلڪل به نه هٻڪيو ۽ ھو سموري عمل ۾ شامل آهي“.پرڏيهي وزير مارڪ روبيو پاڪستان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ هندستان ۾ پرڏيهي وزير سان فون تي رابطو ڪيو آهي.جنھن کانپوءِ آمريڪا مان جاري ڪيل بيانن ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيھي وزير مارڪ روبيو ٻنهي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته هو تڪرار گهٽ ڪن ۽ "پاڪستان ۽ هندستان ۾ سڌين ڳالهين” جو مطالبو ڪيو.مليحه لوڌي جو چوڻ ھو تھ جيڪڏهن آمريڪا (تڪرار گهٽائڻ جي ڪوششن ۾) دلچسپيءَ نھ وٺندو ھجي ھا تھ روبيو ٻنهي ڌرين سان بار بار فون تي رابطو نه ڪري ها.
نيويارڪ جي الباني يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس جي اسسٽنٽ پروفيسر ڪرسٽوفر ڪلري، بي بي سي کي ٻڌايو ته "صدر ٽرمپ جي ٽيم هن وقت مختلف کنڊن ۾ڪيترن ئي بحرانن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ سرڪاري عملدارن جي کوٽ کي به منهن ڏئي رهي آهي.”ھن جي ٽيم ۾ ڪافي عھدا ڀريا نھ ويا آھن،جيڪي مقرر ڪيا ويا ھئا، انھن کي ھٽايو ويو آھي.اھو ئي سبب آھي جو آمريڪا وڏن بحرانن کان پري رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ھن جو چوڻ ھو تھ ظاھري طور لڳي ٿو آمريڪا هند پاڪ ڇڪتاڻ ۾ ماضي وانگر سرگرم ڪردار ادا نه ڪندو.
اسلام آباد ۾ قائد اعظم يونيورسٽي سان لاڳاپيل پروفيسر محمد شعيب پڻ ساڳين خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته "دلچسپ ڳالهه اها آهي ته آمريڪا هن معاملي تي غير جانبدار موقف اختيار ڪيو آهي ۽ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي.”
آمريڪا جي پري ھٽيل ھئڻ جا ٻه سبب آهن: "پهريون آمريڪا هڪ ئي وقت يوڪرين، ايران، غزه، چين ۽ واپاري مسئلن ۾ ڦاٿل آهي.” ٻيو تھ ٽرمپ، پاڪ ۽ هند کي تاريخي تڪرار قرار ڏئي رهيو آهي،ان جو مطلب آهي ته کيس اميد آھي تھ تڪرار گهٽجڻ کان اڳ ڪجهه جنگ ٿيندي.سڀئي تجزيه نگار هڪ ڳالهه تي متفق آهن تھ جيتوڻيڪ آمريڪا پاڪ هند معاملي ۾ گهڻي دلچسپي نه وٺي رهيو آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته واشنگٽن ڏکڻ ايشيا جي ٻن ايٽمي هٿيارن رکندڙ ملڪن تي نظر نه رکي رهيو آهي.انڪري ماھر سمجھن ٿا تھ جيڪڏھن ڇڪتاڻ وڌي وئي تھ آمريڪا ضرور سرگرميون وڌائيندو.