شڪر جو آمريڪا ۽ ڪجهه دوست ملڪن جي ٽياڪڙي کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪالهه شام ساڍي چئين وڳي کان پاڪستاني وقت موجب جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو ۽ اهو اعلان پهريون آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڪيو ويو. بعد ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير ان خبر جي تصديق ڪئي. اهو به رپورٽ ٿيو آهي ته هاڻي پاڪ ڀارت وچ ۾ ڳالهيون به ٿينديون ۽ انهن ڳالهين ذريعي باقي معاملن کي ڏٺو ويندو. ڳالهين جو پهريون دور 12 مئي کان شروع ٿيندو.
اسان جيڪي پهرين ڏينهن کان نظرياتي طور تي جنگ جي خلاف ۽ مستقل امن جا حامي رهيا آهيون جيڪي عالمي برادري تي ڪجهه ڏينهن کان زور ڀري رهيا هياسين ته ان کي اڳتي اچي ڀارت جي جنگي جنون کي روڪڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سي جنگ بندي جي دل جي گهراين سان آجيان ڪريون ٿا. اهي برابر رپورٽون اچي رهيون هيون ته آمريڪا، سعودي عرب، چين برطانيا ۽ ڪجهه ٻيا ملڪ جنگ ٽارڻ لاءِ ڪوششن ۾ لڳا پيا آهن پر لڳي ائين پيو ته اهي ڪوششون شايد ميار لاهڻ جي حد تائين آهن خاص ڪري آمريڪا جي نائب صدر جي ان بيان ته مڪمل طور تي مايوس ڪري ڇڏيو هو ته آمريڪا ٻنهي ملڪن جي جنگي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندو. پر ڪالهه پرهه ڦٽيءَ جو جڏهن پاڪستان ساڍي پنجين لڳي ڀارت تي جوابي جنگي حملو ڪيو ته پوءِ ئي آمريڪا لڳي ٿو ته سنجيدگي اختيار ڪئي. ان کان اڳ ڀارت جي هڪ عورت عملدار جو به اهو بيان اشاري طور آيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان وڌيڪ اڳڀرائي نه ڪري ته جنگ کي روڪي سگهجي ٿو.
سو لڳي ٿو ته پاڪستان جي جنگي جواب کانپوءِ ڀارت تي وڌيڪ دٻاءُ پيو آهي يا ان پويان پير ڪيا آهن بهرحال اسان ان کي ڪنهن به ملڪ جي شڪست ۽ فتح بدران ان کي امن جي سوڀ ۽ جنگ جي شڪست سمجهنداسين. جنگ بندي لاءِ جيڪو به ٿيو، جنهن به اڳڀرائي ڪئي، جنهن به صلاح مڃي ۽ ڳالهه سمجهي ۽ عمل ڪيو سا وڏي ڳالهه آهي. آمريڪا جي صدر حق بجانب ٻنهي ملڪن جي صبر ۽ دور انديشي کي مبارڪ باد جو مستحق قرار ڏنو آهي. اهو به سٺو ٿيو جو فيس سيونگ لاءِ پاڪستان کي نه رڳو ڀارت تي جوابي حملي جو موقعو ملي ويو پر کيس فيصلائتي معرڪي به اعزاز نصيب ٿيو. ۽ ايئن پاڪستان جو اهو چوڻ به درست ثابت ٿيو ته جنگ جي شروعات ڀارت ڪندو پر ان جي پڄاڻي پاڪستان ڪندو. اها به تمام سٺي ڳالهه آهي ته ڀارت کي به چئن ڏينهن اندر اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته جنگ مسئلي جو حل ناهي ۽ سندس ضد هن جنگ کي ايٽمي جنگ مسئلي جو حل ناهي ۽ سندس ضد هن جنگ کي ايٽمي جنگ ۾ به تبديل ڪري سگهي ٿو جنهن جو ئي اصل ۾ سڀني کي اونو هو.
جنگ هونئن ته هر شڪل ۾ خراب آهي پر چئن ڏينهن جي جنگ يقينن ٻنهي ملڪن ۽ عالمي برادري کي گهڻو سبق پڻ ڏنو هوندو ، خاص طور تي ڀارت کي جيڪو ئي موجوده جنگ جو ذميوار هو. ڀارت کي جڏهن پهرين ڏينهن کان پاڪستان چئي رهيو هو ته اهو پهلگام واري دهشت گردي جي واقعي ۾ ملوث ناهي، ڀارت کي جيڪڏهن اهڙا ثبوت آهن ته اهو پيش ڪري يا پاڪستان اڻ ڌري جاچ جي آڇ ڪري ڪري ٿو. ڀارت کي اها آڇ قبول ڪرڻ گهرجي ها. پر ڀارت اها آڇ قبول نه ڪري پنهنجو ئي تمام گهڻو فوجي نقصان ڪيو آهي. اهو به سٺو ٿيو جو پاڪستان هن سڄي جنگي ماحول ۾ ڀارت جي نسبت وڌيڪ بردباري ۽ صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ ڀارت جيان جنگي حملي ۾ عام شهرين ۽ آبادين کي نشانو نه بڻايو نه ته تمام وڏو جاني نقصان به ٿي سگهي پيو. رپورٽون آهن ته پاڪستان رڳو ڀارت جي جنگي جهازن ۽ فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. سو ڀارت جيڪڏهن سمجهداري ۽ بردباري جو مظاهرو ڪري ها ته يقينن فوجي نقصان کان بچي وڃي ها پر وري به شڪر جو دير آيد درست آيد ان کي آخرڪار ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. ڀارت جي ان اٻهرائي سبب پاڪستان کي به برابر نقصان پهتو آهي پر ان ۾ پاڪستان جو پنهنجو ذاتي ڪو ڏوهه ناهي. بهرحال هن جنگ سان ان کي فضائي سيڪيورٽي، جنگي صلاحيت، جنگي جديد ميزائل کي استعمال ڪرڻ جو اهم تجربو پڻ ٿيو آهي.
پر اسان انهن جنگين ۽ انهن جي تيارين بدران دنيا جي ملڪن سان امن ۽ دوستي جي لاڳاپن تي وڌيڪ زور ڀرينداسين ڇاڪاڻ ته جنگي تباهيون ملڪن ۽ عوام لاءِ به تباهي ئي آڻينديون آهن جنهن مان نڪرڻ لاءِ ورهيه لڳندا آهن. هاڻي به چئن ڏينهن جي جنگ ۾ جنگي جهازن جو جيڪو نقصان رسيو آهي سي پيسا جيڪڏهن ملڪي عوام ۽ غربت تي خرچ ٿين ها ته عوام جي زندگين ۾ وڏو فرق اچي وڃي ها بهرحال وري به شڪر جو اها جنگ گهڻو ڊگهو نه هلي نه ته ٻنهي ملڪن خاص ڪري پاڪستان جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسي ها جيڪو ظاهر آهي ته ناقابل برداشت ئي هجي ها. چوڻ وارا چون ٿا ته آمريڪا جي صدر اها جنگ بندي ان ڪري به تڪڙي ڪرائي آهي جو کيس وچ اوڀر جي ملڪن جو دورو ڪرڻو آهي ۽ پاڪ ڀارت جي هلندڙ جنگ ۾ اهو دورو ڪرڻ سندس لاءِ مناسب نه هو. بهرحال جيڪو به ٿيو سو سٺو ٿيو.
اهو به سٺو ٿيو جو هاڻي نه رڳو جنگ بندي ٿي آهي پر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڳالهين جو به سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي جيڪو بند ٿي چڪو هو. ڀارت ته ڳالهين لاءِ ڪنهن ٽياڪڙي لاءِ به تيار نه هو پر هاڻي ڳالهين جو به دور شروع ٿيندو جنهن کي اسان درست رخ ۾ هڪ تمام مثبت قدم سمجهون ٿا. اميد ته انهن ڳالهين ۾ پهلگام واري واقعي جي غلط فهمي به پاڪستان کي دور ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ ممڪن آهي ته ان صور ت ۾ ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي معطلي وارو فيصلو به واپس وٺي ۽ ٻيا ختم ٿيل سفارتي لاڳاپا به بحال ڪري. هڪٻئي جي ملڪن ۾ ٿيندڙ دهشت گردي کي روڪڻ جو به ڪو بندوبست ڪيو وڃي ۽ اڳتي هلي پاڪ ڀارت جون هڪٻئي جي ملڪن ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ جون ميچون ۽ سيريرزون به بحال ٿي وڃن. مطلب ته اهو سڀ ڳالهين سان ئي ٿيندو. ڳالهيون ٿينديون ته اهو سڀ ٿيندو. هاڻي ته هميشه وانگر اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته هر مسئلي جو حل پهريون ۽ آخري ڳالهيون ئي آهن، دير سوير ڳالهين جي ميز تي ئي اچڻو آهي جنهن تي آخرڪار ٻنهي ملڪن کي ويهڻو آهي.