هنگامي حالتن ۾ منهن ڪيئن ڏجي؟ اسلام آباد ۾ نوجوانن کي سکيا

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ هنگامي حالتن ۾ نوجوانن کي امدادي ڪمن جي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ضلعي انتظاميه جي سڏ تي اسلام آباد ۾ سوين نوجوان رضاڪاراڻه طور سامهون اچي ويا آهن، جتي H-11 سائيٽ تي 200 کان وڌيڪ رضاڪارن کي هنگامي حالتن ۾ فرسٽ ايڊ جي تربيت ڏني وئي، تربيت جي سيشن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پڻ شريڪ ٿيا، رضاڪارن کي فائر ريسڪيو سميت ٻين امدادي سرگرمين جي به تربيت ڏني وئي، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد موجب، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت جون مشقون ڇنڇر ۽ آچر تي به جاري رهنديون، ٻئي پاسي، اسلام آباد جي سڀني وڏين عمارتن تي هنگامي سائرن لڳايا ويا آهن، ضلعي انتظاميه موجب، شهرين کي هنگامي حالتن ۾ SOPs تي عمل ڪرڻ بابت آگاهي ڏني وئي آهي، ڊرل مشقن جو مقصد ممڪن جنگي حالتن سان نبرڻ جي تياري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.