راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڀارت ننڪانه صاحب ۾ سکن جي عبادتگاهه کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تحت 6 ڊرون ذريعي حملا ڪيا ويا، پر پاڪستاني سڪيورٽي فورسز انهن حملن کي ناڪام بڻايو. پاڪ فوج جي ترجمان بين الاقوامي ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارتي حملي جي وقت پاڪستان جي فضائيحدن ۾ 57 مسافر جهاز موجود هئا، ڀارت پنهنجي ڪارروائي سان ايئر لائنز جي مسافرن جون حياتيون خطري ۾ وڌيون. هن چيو ته حملي دوران 2 سالن جي معصوم ٻارڙيون به نشانو بڻيون ۽ افسوس ته ڀارتي ميڊيا ان واقعي تي جشن ملهائي رهي آهي. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان جي طرفان جوابي ڪارروائي رڳو انهن ڀارتي فوجي پوسٽن تائين محدود آهي، جتان پاڪستان تي فائرنگ ڪئي وڃي ٿي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڀارت اندر مسلمانن ۽ ٻين اقليتن تي حملا ڪيا پيا وڃن، جتي سرِ عام طور تي مسلمانن کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۾ ملوث رهيو آهي ۽ ِ فتنه الخوارج ۽ ٻين گروهن جي مدد ڪري رهيو آهي، ڀارت اڻ ڌريا سوشل ميڊيا اڪائونٽس به بند ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ هر ڪلاڪ کانپوءِ هڪ نئين ڪوڙي ڪهاڻيءَ جي بنياد تي پروپئگينڊا ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڪوڙا انڪائونٽرز ڀارتي قابض فوج لاءِ عام روايت بڻجي چڪا آهن. ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي. هن واضح ڪيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جو اسپانسر آهي، جنهن جا پڪا سان ثبوت موجود آهن، پاڪستان اندر ٿيندڙ حملا ڀارتي فوج جي هدايتن تحت ٿين ٿا، جتي ڀارتي اهلڪار دهشتگردن کي ڪارروائيءَ جا ٽاسڪ ڏين ٿا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ رابطن جا به ثبوت موجود آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پهلگام واقعو 22 اپريل تي منجهند 2 وڳي 20 منٽن تي پيش آيو، جڏهن ته رڳو 10 منٽن اندر يعني 2 وڳي 30 منٽن تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، ڀارت بنا ڪنهن جاچ يا ثبوت جي فوري طور پاڪستان مٿان حملي جو الزام مڙهي ڇڏيو. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا به واقعي کان پوءِ ڪنهن به ثبوت کانسواءِ پاڪستان کي ذميوار قرار ڏنو ۽ ڀارت الزام لڳايو ۽ ثبوت ڏيڻ بدران پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو. بريفنگ دوران پهلگام واقعي بابت والاريل ڪشمير جي عوام جون مختلف وڊيوز به ڏيکاريو ويون، جن ۾ ڪشميري ماڻهو پاڻ به واقعي بابت سوال اُٿاري رهيا هئا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان پنهنجي سلامتي جي هر قيمت تي حفاظت ڪندو، پريس بريفنگ دوران بحريه ۽ هوائي فوج جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا. ڀارتي عوام پڇي ٿو ته پهلگام ۾ سيڪيورٽي ڇو ناڪام ٿي، ڀارت بالي ووڊ جي دنيا کان ٻاهر نڪري. ڀارت پاران وڌيڪ 48 ڊرون فائر ڪيا ويا آهن جن کي پاڪستان طرفان ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پاڪ فوج مطابق، 6 ۽ 7 مئي 2025 تي ڀارت طرفان ڪيل حملا ناڪام بڻايا ويا ۽ ڀارتي طرفان موڪليل 77 ڊرونز کي تباهه ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 8 مئي جي شام تائين ڀارت طرفان موڪليل 29 ڊرونز کي مارايو ويو، جڏهن ته گذريل رات ۽ اڄ ڏينهن تائين وڌيڪ 48 ڊرونز تباهه ڪيا ويا. ان سان گڏ، مڪمل تباهه ٿيل ڊرونز جو انگ 77 ٿي ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي ڊرونز کي مسلسل ريڊار تي مانيٽر ڪيو پئي ويو. جڏهن به ڪو ڊرون ايندو آهي، هو ريڊار تي فوري طور تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پاڪستان جي ايئر ڊفينس سسٽم وٽ اها صلاحيت آهي ته هو ننڍن ڊرونز کي به ٽريڪ ڪري سگهي. شهري علائقن ۽ ڪمرشل اڏامن جي ويجهو ڊرون ڪيرائڻ لاءِ خاص آپريشنل طريقيڪار موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته پهلگام واقعي کان ٻه ڏينهن پوءِ شهري ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏئي شهيد ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر انهن ماڻهن جي خاندانن جي ڳالهيون ٻڌايون، جيڪي چئي رهيا هئا ته ٻئي ڀائر مال مويشي ڳولڻ لاءِ ايل او سي وٽ ويا هئا، جن کي ڀارتي فوج فائرنگ ڪري شهيد ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر پرڏيهي صحافين کي مخاطب ڪندي چيو ته وڃو ۽ انهن حقيقتن جي تصديق ڪريو، ڀارتي فوج روزانو جي بنياد تي معصوم شهرين کي قتل ڪري، انهن کي دهشتگرد قرار ڏئي ٿي، ۽ پوءِ ڪوڙا الزام پاڪستان تي لڳائي، ان جو عالمي ميڊيا تي واويلا ڪري، ۽ پوءِ چون ٿا ته اسين حملو ڪنداسين. ڀارت اهو ئي ڪيو آهي. "ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي کي اسپانسر ڪري رهيو آهي”