ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) سول سوسائٽي سان لاڳاپيل نمائندن مطالبو ڪيوآهي ته پاڪستان ۾ ڪراچي شهر سميت سمورن شهرن مان ڪنٽونمنٽ علائقن جو خاتمو ڪري ان کي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ شامل ڪيو وڃي. ڊويزن، ضلعي ۽ ٽائون سطح تائين مڪاني حڪومت جي الڳ ۽ خودمختيار مالياتي ڪميشن جوڙي وڃي، يونين ڪائونسل کان ميئر تائين عورتن، مزدورن جي نمائندگي وڌائي وڃي، يونين ڪائونسل، ٽائون ۽ ميئر تائين سياسي مداخلت بند ڪري مڪاني حڪومت جا اختيار ۽ کاتا وڏي وزير کان واپس ورتا وڃن، ضلعي سطح تائين مڪاني اٿارٽي جوڙي وڃي، مڪاني حڪومت جي ادران جي ڪمائي ان تي خرچ ڪري ان جو حساب ڪتاب ورتو وڃي اها ڳالهه ڪالهه شام جو ليگل رائٽس فورم ( ايل آر ايف ) طرفان ”پاڪستان ۾ پائيدار جمهوريت جي قيام لاءِ مڪاني حڪومت جي مظبوطي ضروري آهي “ جي موضوع تي صحافين کي پريس بريفنگ ڏيندي ڪئي وئي. ان موقعي تي پروگرام جي مينيجر شيرين اعجاز زنئور چيو ته سمورن صوبن ۾ صوبائي مالياتي ڪميشن جو قيام وقت جي ضرورت آهي، جنهن جي قيام لاءِ ان جي تعليمي آگاهي لاءِ ان ۾ اقتصادي ماهرن، سول سوسائٽي جي نمائندن، قانون دانن، صحافين سميت گهڻ طرفو تعليمي ڄاڻ ڏيندڙ پينلن جا نمائندا شامل ڪيا وڃن ته جيئن مڪاني حڪومت ۽ مالياتي ڪميشن متعلق پائيدار بحث مباحثو ڪري ان جي قانوني، مالي ۽ سياسي پهلوئن تي گڏيل راءِ قائم ڪري سگهجي. انساني حقن جي ڪميشن جي اڳواڻ ۽ ڪالم نويس ڊاڪٽر توصيف چيو ته ڪراچي جي سڀ کان وڌيڪ علائقن تي ڪنٽونمنٽ ، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين ادارن جو قبضو آهي، پاڪستان کي ڀارت وانگر ڪنٽونمنٽ جو حدون ختم ڪري ڪراچي جا ڪنٽومنٽ علائقا ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ضم ڪيا وڃن، ليگل فورم جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ملڪ طاهر چيو ته مڪاني حڪومت پائيدار جمهوريت جي ڪنجي آهي، عام شهري جو ڪائونسلر ۽ چيئرمين سان سڌو واسطو رهي ٿو، ان ڪري مڪاني حڪومت کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بدران ان ۾ وڌيڪ بهتر ترميمون ڪري يوسي، ٽائون سطح کان چيئرمين ۽ ميئر تائين ان جي ڪاردگي بهتر بنائڻ لاءِ ان کي بااختيار بڻايو وڃي، مزدور عورتن جي اڳواڻ ڪامريڊ زهره چيو ته گهريلو ۽ مزدور عورتون پاڻي جي کوٽ ويم گهرن ۽ ٻين شهري مسئلن جي ناقص ڪارڪردگي ڪري وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون ان ڪري مڪاني حڪپمت ۾ عورتن ۽ مزدورن جو تعداد وڌايو وڃي، ايم ڪيو ايم جي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن بلقيس، طاها ۽ مهيش چيو ته هر سياسي يا غير سياسي حڪومت مڪاني حڪومت جي ترقي کي نظرانداز ڪيو آهي، ان ڪري عام شهري ڪائونسلر جي سطح جو ڪم به اسيمبلي ميمبر تائين کڻي وڃي ٿو، . ان موقعي تي صدر ٽائون جي نور حسين جوکيو، قانوندان زاهد لاکو، نصر الله جلباڻي۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته 18 ترميم ۾ ڏنل اختيار به مڪمل طور صوبن ڏانهن منتقل نه ٿيا آهن،ضلعي ٽيڪس جو نظام به 1999 جي مالي آزادي تائين محدود آهي ۽ ضلعي، ٽائون کان ميئر جي نظام تائين مڪاني حڪومت جيترو ڪمائي ٿي اوترو ان تي خرچ نه ڪيو وڃي۽ ضلعي سطح تائين مڪاني اٿارٽي نه ٺاهي وئي آهي.