اسلام آباد(بيورو/م ڊ) خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي صورتحال جي پسمنظر ۾ عالمي سطح تي سفارتي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. سعودي عرب وڌيڪ سرگرم ٿيو آهي. برطانيا، ايران،آذربائيجان، اٽلي ۽ جاپان جي پرڏيهي وزيرن پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان الڳ الڳ ٽيليفون تي رابطا ڪيا. برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ لمي ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان ۽ ڀارت جي ڇڪتاڻ تي گهري تشويش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته برطانيا خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي پاڪستان سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اعلان ڪيو۔ اسحاق ڊار پنهنجي هم منصب کي ڀارت جي اشتعال انگيزي ۽ شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ بابت آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ تي سعودي عرب سرگرم ٿي ويو آهي. سعودي پرڏيهي وزير عادل الجبير ڀارتي دوري بعد پاڪستان پهتو، جنهن وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي عرب جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزيرعادل الجبير ملاقات ڪئي، جنهن دوران موجوده سيڪيورٽي صورتحال سميت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادو محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو . هن زور ڀري چيو ته ڀارت جي بنا جواز ۽ بنا اشتعال جارحيت پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پڻ اسحاق ڊار سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو۔ ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي ترقي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون۔ عباس عراقچي پنهنجي تازي ڀارت جي دوري جو حوالو ڏيندي چيو ته ايران خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي ترجيح ڏئي ٿو.ان دوران، اسحاق ڊار اٽلي جي پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي.برسلز ۾ پاڪستاني سفير رحيم حيات قريشي شاهه محل ۾ بيلجيم جي بادشاهه فلپ سان ملاقات ڪئي۔ ملاقات دوران سفير، بادشاهه کي خطي جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو.قازقستان ۾ پاڪستاني سفير نعمان ڀٽي هڪ ميڊيا بريفنگ دوران سنڌ طاس معاهدي بابت تفصيل سان روشني وڌي.