پيرس (م ڊ) فرانس جي هڪ ناليواري اخبار پنهنجيرپورٽ ۾ لکيو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيل فوجي آپريشن ڀارتي فضائيه جي ڪمزورين کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب، ڀارتي ويڙهاڪ جهازن، خاص طور رافيل جي تباهي، ڀارتي فضائيه لاءِ شرمندگيءَ ۽ ڌچڪي جو سبب بڻي آهي،ڀارت ايترو ته تسليم ڪيو آهي ته هن جا گهٽ ۾ گهٽ ٽن ويڙهاڪ جهازن کي نقصان رسيو آهي، اخبار موجب، پاڪ فضائيه جي هٿان تباهه ٿيل ڀارتي جهازن ۾ رافيل به شامل آهي ۽ ڀارتي سيڪيورٽي ذريعن فرانس جي خبر رسائيندڙ اداري سان ان تباهيءَ جي تصديق به ڪئي آهي، فرانسيسي اخبار وڌيڪ لکي ٿي ته 2016ع ۾ ڀارت 36 رافيل جهاز لڳ ڀڳ 8 ارب يورو ۾ خريد ڪيا هئا ته جيئن پنهنجي فضائي طاقت کي وڌائي سگھي، ڊسمبر 2024ع ۾ ڀارت جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ ٽيڪنيڪي مسئلن ۽ تربيت جي معيار تي به سنگين سوال اٿاريا ويا هئا.، اخبار جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪ فضائيه کي گذريل 15 ورهين جي دهشتگردي خلاف ڪاررواين سبب ڀارتي فضائيه جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ جنگي تجربو حاصل آهي ۽ پاڪستان وٽ جديد فرانسيسي ۽ چيني ٺاهيل جهاز ڀارت جي مقابلي لاءِ موجود آهن،فرانسيسي اخبار موجب، ڀارت ميڊيا کي ويڙهاڪ جهازن جي تباهيءَ جي خبرون هٽائڻ تي مجبور ڪيو.