ڀارت کي سندس ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪريون ٿا: پاڪستان

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته ڀارت جي جارحيت ٻن ايٽمي طاقتن کي جنگ جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي، ڀارتي جنگي جنون تي دنيا کي سنجيده خدشا هئڻ گهرجن، ڀارتي ميڊيا منصوبا بندي تحت خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر تحت جوابي ڪارروائي جو حق رکي ٿو، اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران شفقت علي خان صحافين کي آگاهه ڪندي چيو ته ڀارتي جنگي جنون دنيا لاءِ پريشاني جوڳي ڳالهه آهي. پهلگام حملي سان پاڪستان جو ڪو به واسطو ناهي، ڀارت عالمي مطالبن باوجود ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تيار ناهي، سڀني کي ڄاڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ صورتحال ڪيتري ڳنڀير آهي، ڀارت 7 مئي کان پاڪستان جي مختلف علائقن تي جارحيت ڪندو اچي رهيو آهي.

، جنهن عمل ٻنهي ايٽمي ملڪ کي جنگ جي ڪناري تائين آڻي ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان پهلگام واري واقعي بابت پاڪستان تي لڳايل الزامن کي ٻيهر رد ڪريون ٿا، ڀارت بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڀارت کي سندس ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.