ٻاهريون دٻاءُ قبول نه ڪنداسين، ڀارت کي 200 سيڪڙو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: دفاعي وزير

اسلام آباد (م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف ڀارت کي مسلسل شڪستون کائڻ باوجود عوام آڏو ڪوڙ ڳالهائڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصفچيو ته ڀارت هر پاسي کان مار ملي آهي، پر هو پنهنجي عوام کي مطمئن رکڻ لاءِ حقيقت نه ٿو ٻڌائي، هن چيو ته ڀارت جو ڪوڙ هاڻ وائکو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ڪنهن به شهري آبادي کي نشانو نه بڻايو آهي، پاڪستان رڳو فوجي ٿاڪن تي حملو ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستاني عوام پرُسڪون رهي، پاڪ فوج ملڪ جي حفاظت ڪري رهي آهي، ٻي پاسي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزير دفاع خواجا  آصف چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به ٻاهرين دٻاءُ کي قبول نه ڪندو، قوم پُرسڪون رهي، اسان 200 سيڪڙو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. پاڪستان پنهنجي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت جي عام شهرين کي نشانو نه بڻائيندو، اسان صرف فوجي تنصيبات تي حملو ڪنداسين، خواجا  آصف چيو ته ڀارتي ميڊيا ۾ ڪوڙ جي لهر هلندڙ آهي، ڀارت جيئن ذلت ڀوڳي، ان کي پنهنجي عوام کي مطمئن ڪرڻو آهي. ڀارت پنهنجي ماڻهن کي ته اهو نه ٻڌائيندو ته هر هنڌ اسان کي شڪست ملي رهي آهي.هن چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت جو اتحاد فطري آهي، ڇو ته ٻئي اسلام مخالف آهن، انهن جي اسلام دشمني ڪنهن کان لڪيل ناهي، دوست ملڪن پاڪستان جي کلي حمايت ڪئي آهي، ترڪي ۽ آذربائيجان واضح طور تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن، ڀارت جا ويجها اتحادي به هاڻي ان جو ساٿ نه پيا ڏين، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول (LOC) ۽ سرحدن تي دشمن جو ڀرپور مقابلو ڪري رهي آهي، هٿياربند فوجن جي زوردار جوابي ڪارروائي هن وقت به جاري آهي، اسان هن وقت دنيا جي سڀني اهم ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، خليجي ملڪن سان روزاني جي بنياد تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، نائب وزيراعظم جو سعودي عرب، متحده عرب امارات ۽ چين سان روزانو رابطو آهي، سندس چوڻ هو ته سفارتي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ۽ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن وقت تائين هڪ يا ٻه ملڪن هلڪي سطح تي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته اسان جا دوست ملڪ واضح طور تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن، خواجا  آصف چيو ته اسرائيل جو ڀارت سان گڏ بيهڻ فطري عمل آهي، ڇو ته انهن ٻنهي ملڪن جي اسلام دشمن سوچ ڪنهن کان لڪيل ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.