پاڪ فوج جي حمايت ۾ جماعت اسلامي پاران ڪراچي کان ڪشمور تائين ريليون ۽ مظاهرا

ڪراچي (رپورٽر) ڀارت جي بزدلاڻي حملي خلاف ۽ پاڪ فوج جي حمايت ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان طرفان جمعته المبارڪ تي ملڪگير يوم عزم جي سلسلي ۾ ڪراچي کان ڪشمور ريليون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص،سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، سکر، ٽنڊو آدم، ڪنڌڪوٽ ، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، محرابپور ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا، جن کي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا، منعم ظفرخان، محمد يوسف، علامہ حزب الله جکرو ، سيد علي مردان شاه، ابوبڪر سومرو ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڀارت پھلگام وقعي کي بنياد بڻائي ڪوڙ جي بنياد تي  پاڪستان تي حملو ۽ سولين آبادي توڙي مسجدن کي نشانو بڻائي عالمي قانونن جي سخت ڀڃڪڙي ڪئي آھي، ڀارت جو اسرائيلي ساخت ڊرون ذريعي پاڪستان کي نشانو بنائڻ سان ثابت ٿي ويو ته آمريڪا اسرائيل ۽ ڀارت پاڪستاني توڙي مسلمانن جي دشمني ۾ ٻٽ آھن، ھي ڪوڙو ڊرامو ڪري پاڪستان تي حملا غزا توڙي ڪشمير ۾ ٿيندڙ انسانيت جي قتل عام مان عالمي ضمير جو ڌيان ھٽائڻ جي پڻ ڪوشش آھي، جنگ ۾ ٻنھي ملڪن جو نقصان ٿيندو آھي پر قوم جي خواھش آھي ته ڀارتي اڳرائي جو منھن ٽوڙ جواب ڏيڻ ضروري آھي، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پوري قوم پنھنجي وطن جي دفاع لاءِ ھڪ پيج تي آھي ۽ دشمن جي مقابلي لاءِ محافظن سان ڪلھي ۾ ڪلھو ملائي ميدان ماريندي، ھوڏانھن جمعي جي ميڙاڪن کي خطاب ۾ پڻ عالمن ڀارتي جارحيت جي مذمت ۽ ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ خصوصي دعائون ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.