آءِ ايم ايف پاران پاڪستان لاءِ 1.3 ارب ڊالر جي قسط منظور

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر جي واڌو پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ ماحولياتيتبديلي کي منهن ڏيڻ بابت خاص پروگرام به شامل آهي. ياد رهي ته ڀارت پاڪستان جي قسط روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي ناڪام رهيا. آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جائزي ٽيم وچ ۾ طئي ٿيل اسٽاف سطح جي معاهدي جي منظوري ڏني وئي. اميد ڪئي پئي وڃي ته هي رقم جلد پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ويندي، وزيراعظم شهباز شريف موجب ان سان معيشت مستحڪم ٿيندي، ٽيڪس سڌارا ٿيندا ۽ توانائي جي شعبي ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته گذريل 14 مهينن ۾ ملڪي معيشت ۾ آيل بهتري حڪومت جي هاڪاري پاليسين جو نتيجو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.