جنگ لاءِ رضاڪار ڏيڻ جي آڇ، اسٽيبلشمينٽ سان شڪايت باوجود گڏ آهيون: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علما اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هي وقت ملڪ جي دفاعي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جو آهي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ اسين سڀ هڪ آهيون، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جمعيت علماء اسلام اڄ جي ڏينهن کي "يوم دفاع وطن” طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 11 مئي تي پشاور ۾ ملين مارچ ۽ 15 مئي تي ڪوئيٽا ۾ ملين مارچ ٿيندو، جتي عوام ملي يڪجهتي جو اظهار ڪندا، حڪومت نوجوانن کي شهري دفاع لاءِ رجسٽر ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ان سلسلي ۾ اسان انصار الاسلام کي شهري دفاع جي ذميواري سونپي آهي. اڄ پاڪستان جي دفاع جي پهرين مورچي تي جيڪو نوجوان وڙهي رهيو آهي، اهو ديني مدرسن مان تعلق رکندڙ آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده صورتحال ۾ سفارتي سرگرمين بابت مان مطمئن نه آهيان، اسان جو ڪوبه سفارتي مشن پرڏيهه ۾ سرگرم ناهي، صرف ٽيليفون تي ڳالهيون ٿيون آهن، اسان کي چين، سعودي عرب، ايران ۽ افغانستان سان فعال رابطا ڪرڻ گهرجن، هن چيو ته غزه مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي، ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، هي وقت آهي ته ملڪ جي دفاعي ادارن کي مضبوط ڪجي، اسان کي انهن جي پٺيان بيهڻ گهرجي. ملڪ جي وحدت لاءِ اسين سڀ گڏ آهيون، هي جنگ آهي ۽ جنگ ۾ گل نه، پر باهه وسندي آهي، هن چيو ته حقيقت اها آهي ته هن وقت پاڪستان ڀارت جي جارحيت جي آمهون سامهون آهي، ڀارت مسجدن، مدرسن ۽ عام شهرين جي علائقن تي راڪيٽ فائر ڪيا، جنهن سبب اسان جا ڀيڻ ڀائر شهيد ٿيا، پاڪستان جي فوج بهادري ۽ بهتر حڪمت عملي سان دفاع ڪيو، مولانا فضل الرحمان چيو ته مان حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ کان نٿو پڇان ته اوهان جي حڪمت عملي ڇا آهي، مان ملڪ جي مفاد لاءِ اوهان جي قطار ۾ بيٺل آهيان، اوهان به منهنجي قطار ۾ بيهو، هن چيو ته ماڻهو ذاتي طور سوشل ميڊيا تي پوسٽون وجهي رهيا آهن، جنگ کي مذاق سمجهي رهيا آهن، انهن جو رويو فوج بابت توهين آميز آهي، حڪومت کي انهن ماڻهن تي پابندي لڳائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.