ڀارتين پاڻ ئي ڀارتي ميڊيا جي پروپيگنڊا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪراچي (م ڊ) پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ دوران  انڊيا جي اليڪٽرانڪ  ۽ سوشل ميڊيا تي غلط  ۽ ڪوڙين خبرن جون طوفان آيل آھي. ايتري تائين جو خميس تي  ڀارتي ٽي وي چينلن پاران پاڪستان جا مختلف شھر فتح ڪرڻ واريون خبرون به نشر ڪيون ويون. ان دوران ڪجهه صحافي ۽ يوٽيوبر  اھڙا به آھن جيڪي ان مس انفارميشن جي نه رڳو ترديد ڪري رھيا آھن پر واهپيدارن کي  اھڙن چينلن ۽ سوشل ميڊيا  ھينڊلن جي بائيڪاٽ جي تجويز به ڏئي رھيا آھن. ڀارتي يوٽيوبر  ڌرو راٺي  ڀارتي ميڊيا کي تنقيد جو نشانو  بڻايو ۽ ان جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي وائکو ڪيو. ڌرو راٺي  گبر سنگھ نالي ھڪ ايڪس اڪائونٽ جون ڪجهه پوسٽون شيئر ڪيون جن ۾ اھو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان غلط خبرون ڏئي رھيو ھو جنھن تي يوٽيوبر ھن تي تنقيد ڪندي  لکيو ته ڏسو گودي ميڊيا  توھان سان ڇا ڪري رھيو آھي. ھن وڌيڪ لکيو ته ھن بي وقوف کي ڏسو  ڄڻ فلمي ھيرو ھجي جو پنھنجي فوج جي پاڻ قيادت ڪري  گزريل رات فتح حاصل ڪري رھيو ھو. نامياري صحافي ۽ ليکڪ رويش ڪمار لکيو ته جيڪي ٽي وي چينل 8 مئي  جي ڪوريج ذريعي انڊيا جو ڊرامو بڻائي رھيا آھن انھن خلاف ڪو ايڪشن نه پيو ٿئي. ھڪ واهپيدار اموڪ لکيو ته انڊين ميڊيا  پنھنجي ڪوريج کي سرڪس  بڻائي ڇڏيو آھي. يوٽيوبر نتيش راجپوت  لکيو ته ٽي وي چينلن چيو برسات پئي ھلي ته مان سن گلاسز  ڳوليندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.