اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ضلعي انتظاميا رات جو بجلي بند ڪرڻ جي منصوبابندي بابت گردش ڪندڙ افواهن کي رد ڪري ڇڏيو. هڪ سرڪاري بيان ۾، انتظاميا وضاحت ڪئي ته رهواسين کي گهرن جون بتيون بند ڪرڻ جي ڪا هدايت ناهي ڪئي وئي نه ئي مسجدن ۾ اعلان ڪيا ويا. ڊي سي وڌيڪ خبردار ڪيو ته غلط ڄاڻ پکيڙڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
-
ڀارت ۾ پاڪستاني او ٽي ٽي مواد تي پابندي
نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي حڪومت او ٽي ٽي پليٽ فارمن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي پاڪستاني مواد نشر نه ڪن، ڇو ته اهو ملڪ جي سلامتي ۽ خودمختياري تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. سرڪاري بيانموجب، هي پابندي سڀني پليٽ فارمن تي لاڳو ٿيندي، ڀلي اهي ميمبرشپ وارا هجن يا مفت دستياب هجن. هي قدم 22 اپريل جي پهلگام حملي کان پوءِ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ کنيو ويو آهي. هن قدم کان اڳ ڪيترن ئي ڀارتي پليٽ فارمن پاڪستاني فنڪارن جا اڪائونٽ به محدود ڪري ڇڏيا آهن.