اسلام آباد (بيورو+م ڊ) ڀارتي سائبر دهشتگرديءَ خلاف پاڪستاني هيڪرن زبردست جوابي ڪارروائي ڪندي چار اهم ڀارتي ويب سائيٽون هيڪ ڪري ڇڏيون، ذريعن موجب، پاڪستاني هيڪرن "آپريشن سالار” جي نالي سان منظم سائبر مهم جو آغاز ڪيو آهي، جنهن تحت ڀارت جي آن لائن ڍانچي کي نشانو بڻايو پيو وڃي،هي مهم پاڪستاني والنٽيئر هيڪرز پاران شروع ڪئي وئي آهي، جن جو چوڻ آهي ته هي هڪ سيڪيورٽي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ خبرداري آهي، ابتدائي ڪارروائيءَ ۾ ڀارت جون چار اهم ويب سائيٽون هيڪ ڪيون ويون آهن، جن تي پاڪستاني پرچم لڳايو ويو ۽ حساس ڊيٽا تائين رسائي حاصل ڪئي وئي،هيڪرز طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي قدم ڀارتي سائبر حملي، پاڪستان خلاف نفرت انگيز مواد ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن جي ردعمل طور کنيو ويو آهي، سائبر ماهرن جي راءِ مطابق "آپريشن سالار” هڪ مڪمل سائبر جنگ جي شروعات ٿي سگهي ٿو، پاڪستاني هيڪرن جو واضح موقف آهي ته اسين پرامن قوم آهيون.
، پر جيڪڏهن ڪو به اسان جي خودمختياري، سالميت يا قومي غيرت کي چئلينج ڪندوته پوءِ اسان خاموش نه ويهنداسين.