پٿورو (رپورٽ: غلام قادر آريسر ) کپرو ڪئنال مان نڪرندڙ ۽ پٿورو کي پاڻي فراھم ڪندڙ کاھي شاخ جي پڇڙي ۾ گذريل چئن مھينن کان پاڻي نه پھچڻ ڪري ٻي ڏينهن به پٿورو جي آبادگارن ۽ شھرين پاران شٽربند ھڙتال ڪري ٽائون ڪاميٽي پٿورو جي چيئرمين آصف حسين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، مظاهرين بچابند پھچي مين چوڪ تي ڌرڻو ھڻي ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، 5 ڪلاڪ ڌرڻي سبب پٿورو عمرڪوٽ کان ميرپورخاص حيدرآباد ڪراچي ايندڙ ويندڙ گاڏيون ٻنھي پاسن کان بيهجي ويون ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاهرين آبپاشي عملدران خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ ڌرڻي ۾ جمعي نماز ادا ڪئي، مظاھرين کي خطاب ڪندي چيئرمين آصف حسين، لوڻو مل راٺي، سيد ذوالفقار علي شاھ لڪياري، مولانا اسد چانھيون، اعجاز آريسر ۽ ٻين چيو ته کپرو ڪئنال مان نڪرندڙ ۽ پٿورو کي پاڻي فراھم ڪندڙ کاھي شاخ جي ٽيل ۾ گذريل چار مھينن کان پاڻي نه پھچڻ ڪري پٿورو جا واٽر سپلا جا تلا سڪي چڪا آھن جنهن ڪري پٿورو شھر ۾ گذريل 15 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي مڪمل بند آھي، شھري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن، پٿورو شھر ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري شھري سراپا احتجاج بڻيل آھن، پٿورو شھر جا رھواسي پاڻي جي ھڪ ڍڪ لاءِ تڙپي رھيا آهن، جڏهن ته ايريگشن عملدارن جي ملي ڀگت سان منڊ جا آبادگار سري عام پاڻي چوري ڪري رھيا آھن، ھنن جا واٽر ڪورس ٽٽل آهن، پائپ لڳل آھن، تڪ جا چونڊيل نمائندا خبر نه ڪٿي غائب آهن ڪو به اسان جي دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، 5 ڪلاڪن بعد ايڪسيئن شان ملاح ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پٿورو سنجي ڪمار ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون پڇڙي تائين پاڻي پھچائڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، مظاهرو ڪندڙن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن کاھي شاخ جي ٽيل ۾ پاڻي نه پھتو ته ٻيھر شٽر بند ھڙتال ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو.