مودي جي جنگي جنون جي ور چڙھي ويل ھندستان جي کاٻي ڌر

تحرير; عاصم شهزاد اختر

ماضي وانگر ننڍي کنڊ  ۾ پاڪستان ۽ هندستان  ۾ تيزي سان  جنگ ڏانھن وڌندڙ ڇڪتاڻ، سڀني سياسي عنصرن کي پنهنجا اختلاف وساري ‘قومي يڪجھتي ‘ جي نالي تي متحد ٿيڻ جي ترغيب ڏني آهي. ان جو سڀ کان اهم مثال هندستان جي ٻن وڏين کاٻي ڌر جي پارٽين، ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (سي پي آءِ) ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا مارڪسسٽ (سي پي آءِ ، ايم) پاران 7 مئي جي حملي کان پوءِ هندستاني حملي جي حمايت ۾ جاري ڪيل بيان آهن.

ٻنهي پارٽين مودي سرڪار جي بيانيئي جي حمايت ڪئي آھي، جنھن موجب  پاڪستان "دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهه فراهم ڪري رهيو آهي” ۽ 22 اپريل تي پهلگام حملي جي ذميوار "بنيادي ڍانچي” (اصل ۾ عام شهرين) کي نشانو بڻائڻ حڪومت جو درست قدم هو. انهن بيانن ۾ هندستان جي رياستي پاليسين تي سوال نه اٿاريا ويا ۽  جنگ کان بچڻ لاءِ سفارتي حل ڳولڻ جي ضرورت جو رڳو مختصر ذڪر ڪيو ويو.

ڪانگريس سميت ٻين هندستاني مخالف جماعتن پڻ حڪومت جو بيانيئو اختيار ڪيو آهي. پر پارلياماني ڪميونسٽ جماعتن، جن کي رياستي جي  قوم پرستي کي چئلينج ڪرڻ جي ھڪ  ڊگهي تاريخ آهي ۽ جيڪي اصولي طور  تي جنگ جي مخالفت ڪن ٿيون، سي بھ هاڻي مودي حڪومت جي واٽ تي ھلي پيون آھن.

اهو ياد رکڻ گهرجي ته سي پي آءِ ۽ سي پي آءِ ايم ، ٻئي آڪٽوبر 2023 جي صيهوني جنگي ڏوهن جي حمايت ڪرڻ تي هندستاني حڪومت جون سخت ناقد رهيون آهن. هن ڪئين ڀيرا مطالبو ڪيو آهي ته هندستان فلسطين جي حق خود اراديت جي حمايت جي پنهنجي تاريخي پاليسي کي ٻيهر اختيار ڪري. انهن انهيءَ غالب نظريي جي پيروي ڪرڻ کان انڪار ڪيو جيڪو تڪرار جي تاريخ کي رد ڪري ٿو ۽ حقيقتن کي نظرانداز ڪندي حماس کي "دهشتگرد” تنظيم قرار ڏئي ٿو.

جيتوڻيڪ جڏھن ڳالهه ڪشميرين جي  حق خود اراديت جي اچي ٿي تھ ھندستان جي کاٻي ڌر، حڪومت تي گهڻو دٻاءُ نه ٿي وجهي. پر اھا ڪيترن ئي موقعن تي اھو اعتراف ڪري چڪي آهي ته ڪشمير ۾ عسڪريت  پسندي صرف ‘ٻاهرين مداخلت’ جي ڪري ناهي پر ان جون پاڙون عام ڪشميرين ۾ به کتل آهن. پر پاڪستان سان وڌندڙ تڪرار ۾ حڪمران جماعتن  جو ساٿ ڏئي ڪري، سي پي آءِ ۽ سي پي آءِ ايم پنهنجن سياسي عقيدن جي خلاف وڃي رهيون آهن.

هيءَ هڪ وڏي ڳالهه آهي، خاص طور تي جڏهن پاڪستان جي نسبتاً ننڍڙي ۽ جدوجهد ڪندڙ کاٻي ڌر جي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي تھ اھا معمولي ڳالهه نھ آھي. اسان وٽ رياست جي جارحيت کي  چئلينج ڪرڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي آواز اٿاريندڙن کي سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو  پئجي سگھي ٿو. سرڪاري ۽ آن لائن ميڊيا ۾ پروپيگنڊا جي باوجود، کاٻي ڌر جي ترقي پسندن پنهنجا اصول نه ڇڏيا آهن.

اهو صرف هندستان ۾ ناهي جتي جنگ مخالف کاٻي ڌر زنده رهڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ترقي ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي. هندوتوا واحد انتها پسند نظريو ناهي جنھن’جمهوري’ ادارن کي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو قبضو آهي. اسان سڀ  جنهن ماحول ۾ رهي رھيا آھيون.اتي زينوفوبڪ ساڄي ڌر جو غلبو وڌي رھيو آهي، جيڪو فوجي،صنعتي ميڊيا اسٽيبلشمينٽ جي اثر هيٺ آهي. پر اهو ئي اھو سبب آهي جو مقبول اڪثريت جي راءِ جيڪا خاص طور تي انصاف، امن ۽ برابري جي خلاف  ويندي ھجي،ان کي قبول ڪرڻ  کاٻي ڌر جي عقيدن جي بلڪل خلاف آهي.

سي پي آءِ (ايم) کي 2011 ۾ اولهه بنگال ۾ پنهنجي تاريخي شڪست مان سبق سکڻ گهرجي، جيڪو ڪڏهن ان جو مضبوط قلعو سمجهيو ويندو هو.ھندستان جي سڀني کان وڏين رياستن مان ھڪ ۾  ٽن ڏهاڪن تائين حڪمراني ڪندڙ ان جماعت جو زوال 2007 ۾، نندي گرام ۾ خاص برآمدي زون قائم ڪرڻ جي لاءِ ھزارين ھارين  کي بي دخل واري فيصلي سان ٿيو.ھاري سي پي آءِ ايم، جي سياست جو بنياد ھئا، پر نيولبرل گلوبلائيزيشن جي اثر هيٺ،اچي ڪري  پارٽي پنهنجي اهم سماجي طبقي کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح ان پنهنجي موت جي وارنٽ تيصحيح ڪري ڇڏي.

سي پي آءِ (ايم) گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ اولهه بنگال ۾ پنهنجي وڃايل حيثيت کي ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جيتوڻيڪ اها ڪيرالا ۾ سرڪاري طاقت حاصل ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ کاٻي ڌر جا سوشلسٽ هن وقت رياستي اقتدار سنڀالڻ جي لاءِ تيار نه آهن، تھ ٻئي پاسي هندستان ۾ پارلياماني ڪميونزم اڃا تائين بھ ھڪ تحريڪ جي نمائندگي ڪري ٿو. پر مودي جي جنگي جنون جي گرمجوشي سان حمايت سي پي آءِ ۽ سي پي آءِ-ايم جي ساک کي نقصان پهچايو آهي.

ننڍي کنڊ ۽ ٻين  خطن جي کاٻي ڌر جي فردن  کي پنھنجي حڪومت کي ڏسندي "دهشتگردي” جي لفظ  جي استعمال کي روڪڻو پوندو.ڇاڪاڻ ائين ڪري ھو جبر جي ان ڊگهي تاريخ کي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين. جيڪي اسان جي خطي ۽  دنيا ۾ تڪرارن جي وضاحت ڪري ٿي. جنگي بخار ۽ غلط معلومات جي دور ۾ هن قسم جي سوچ گھڻي ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.