آمريڪي شهرين کي ايل او سي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا پاڪستان ۾ موجود پنهنجن شهرين کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هو لائن آف ڪنٽرول (LOC) جي ويجهو واقع علائقن ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. ڊان نيوز /ڏسو صفحو 7 ڪالم 3

جي رپورٽ موجب، اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان پنهنجي شهرين لاءِ سفري الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.سفارتخاني جي الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي شهري تڪراري علائقن ڏانهن نه وڃن ۽ جيڪڏهن هو اهڙن علائقن ۾ موجود آهن ته محفوظ جڳهن تي پناهه وٺن. سفارتخاني خبردار ڪيو آهي ته پاڪ-ڀارت تڪرار جي صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ ان تي ويجهي نظر رکي پئي وڃي.

  • فيصل مسجد ويجهو ڊرون ڪرڻ جو اطلاع ڪوڙو نڪتو

اسلام آباد (نمائندو خصوصي) ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد فيصل مسجد جي ويجهو ڊرون ڪرڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمن سماجي رابطن جي پليٽفارم  ’ايڪس‘ تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته "فيصل مسجد جي ويجهو ڊرون ڪرڻ جي اطلاع ملڻ بعد ضلعي انتظاميه ۽ پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتي، پر جاچ کانپوءِ اها افواهه غلط ثابت ٿي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ ڪٿي به ڊرون نه ڪيو آهي، ۽ هن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهڙين بي بنياد خبرن تي ڌيان نه ڏين.

  • جي يوآءِ اڄ يوم دفاع جو ڏھاڙو ملھائيندي

اسلام آباد(م ڊ) جي يوآءِ سربراھھ مولانا فضل الرحمان  ڀارتي جارحيت جي خلاف اڄ 9 مئي تي پوري ملڪ ۾ دفاع وطن ملھائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.  جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويوآھي تھ 9 مئي تي يوم دفاع ملھايو ويندو  ان موقعي تي  مولانا فضل  الرحمان پاران عالمن کان  جمعي ڏينھن ڀارتي جارحيت خلاف مذمتي قرار داد منظور ڪرائڻ جي اپيل بھ ڪئي آھي. مولانا فضل الرحمان چيو تھ  وطن جي دفاع لاءِ ھر قسم جي قرباني ڏينداسين.  اسان جي بھادر فوج دشمن سان منھان منھن آھي. پوري قوم فوج پويان بيٺل آھي.

  • ڀارتي جارحيت خلاف وڪيلن جو سٽي ڪورٽ ۾ احتجاجي مظاهرو

ڪراچي (رپورٽر) ڀارتي جارحيت جي خلاف سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن پاران پاڪ فوج سان يڪجهتي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرمين ياسين آزاد، ڪراچي بار  جي اڳوڻي صدر منير اي ملڪ، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر نعيم قريشي ۽ ٻين وڪيلن شرڪت ڪئي. سپريم ڪورٽ جي سينئر وڪيل ياسين آزاد خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جا وڪيل پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهن، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايئر فورس هندستان جي جهازن کي هڪ لمحي ۾ ڪيرائي ڇڏيو. ياسين آزاد مودي جي حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته هندستان ٽٽڻ وارو آهي. مظاهري کي نعيم قريشي، منير ملڪ، جي ايم ڪورائي، افتخار چنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.