ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ 100 رپيا ڀتو نه ڏيڻ تي ريڙهي واري پيرسن پورهيت تي تشدد ڪندڙ 3 پوليس اهلڪار معطل ۽ گرفتار ٿي ويا آهن، ٽن پوليس اهلڪارن طرفان هڪ بزرگ پورهيت تي ڪيل تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي، واقعو 7 مئي تي صدر ۾ سي آءِ اي سينٽر جي ويجهو پيش آيو، جتي گشتي ڊيوٽي تي موجود سب انسپيڪٽر نديم، ڪانسٽيبل عامر ۽ ڊرائيور ڪانسٽيبل سرفراز بزرگ شهري محمد شعيب کي تشدد جو نشانو بڻايو، ڊي آءِ جي ڏکڻ سيد اسد رضا موجب، وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ اعلى پوليس آفيسرن واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ فوري طور تي ٽنهي اهلڪارن کي معطل ڪري لاڪپ ڪيو ويو، سندن خلاف ڀتو وٺڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ زخمي ڪرڻ جي شقن هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، متاثر بزرگ شهري محمد شعيب مطابق، پوليس اهلڪار موبائيل ۾ اچي 100 رپيا گهريا، ڏيڻ کان انڪار تي هو ڪاوڙجي پيا ۽ مارڪٽ ڪئي.