ٻٻرلو ڌرڻي ۾ سنڌ پاڻ ملهايو،ماڻهن مان خوف ختم ٿيو آهي:عامر وڙائچ

بدين (رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) ايوان صحافت بدين پاران سنڌو درياء بچايو تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر امير آزاد پنھور ۽ رام ڪولھي وڪيل جي مان ۾ آجياڻو ڏنو  ويو ،آجياڻي کي خطاب ڪندي امير آزاد پنھور  چيو ته فطرت ۽ تاريخ ھر ماڻھو کان پنھنجو پنھنجو ڪم وٺندي آھي،اسان جي جدوجھد جو بنياد اسان جي وڏن رکيو ،انھي جدوجھد جو اسان تسلسل آھيون ،ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ چيو ته  امير ڀائي ڌرڻو ھنيو آھي ،اسان ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو،پھريون ڀيرو سنڌي ھڪ قوم طور تي گڏ  ٿي ھئي،سنڌ ٻٻرلو جي ڌرڻي ۾ نروار ٿي اڀري آھي،ھن جدوجھد ۾ سنڌ جي ماڻھن مان خوف ختم ڪيو آھي ،اسان اھا سنڌ ڏسڻ چاھيون ٿا جنھن ۾ سنڌ جي جياپي جو حل ھجي ،صحافي غفور چانڊيو چيو ته اسان کي قلم ڌڻين قدر ڪندي عزت ڏني آھي،بدين جي صحافين پاڻي کوٽ ۽ ڪينال نامنظور تحريڪ ۾ پاڻ نڀايو ،ھن چيو ته  پھريون ڀيرو سنڌ جو ماڻھو ڌرتي ۽ پاڻي بچائڻ لاء نڪتو ، ايوان صحافت بدين جي صدر حاجي خالد محمود گھمن چيو ته امير آزاد پنھور وڪيلن جو اڳواڻ به آھي ته قومپرست اڳواڻ به آھي ،وڪيلن کي بہ سلام آھي ،پاڻي جي جياپي واري جنگ جو امير آزاد ھيرو آھي ، ايوان صحافت پاران آجياڻي تقرير ۾ محمد ھارون گوپانگ چيو ته امير آزاد نوجوانن جي قيادت ڪري سنڌ کي جاڳايو ،ان نوجوان اڳواڻ جي آجيان ڪرڻ اسان تي فرض ٿئي ٿو  ،سينئر صحافي ۽ ليکڪ ظهير حسين حيدري چيو ته  ڪي فرد پنھنجي ڪردار ۽ ڪم جي ڪري ادارا ۽ انجمن آھن ، سنڌ جاڳي پئي آھي ،ان کي جاڳائڻ لاء امير آزاد جو وڏو ڪردار آھي ،اسان امير آزاد کي سلام  ڪريون ٿا، سينئر صحافي مصطفي اختر علي کوسو  ڳالھائيندي چيو ته امير آزاد درياء بچايو تحريڪ جي سرواڻي ڪندڙ اھو نوجوان آھي جنھن تي سنڌ کي ناز آھي، شفيع محمد جوڻيجو،علي محمد شاھاڻي ،پريس ڪلب جي صدر شوڪت ميمڻ،عبدالغفور چانڊيو چيو تہ امير آزاد جا حوصلا جبلن کان مٿي آھن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.