آمريڪي پرڏيهي وزير جو شهباز شريف سان رابطو، پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو مشورو

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو وچ ۾ ٽيليفوني ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران وزيراعظم کيس خبردار ڪيو ته ڀارتي حملن نه رڳو پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي  سالميت جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پر انهن سان گڏوگڏ ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام کي پڻ انتهائي سنجيده خطرا لاحق ٿيا آهن، وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران شهباز شريف ڀارت طرفان ميزائلن ۽ ڊرون ذريعي ڪيل حملي جي سخت مذمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 31 بيگناهه شهرين جي شهادت ۽ 57 جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته ان سان گڏ عام شهري بنيادي ڍانچن کي به نقصان پهتو آهي، وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي هر قيمت تي تحفظ ڪرڻ جي پختي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته ڀارت جي بنا سبب جنگي ڪاررواين خلاف پاڪستاني عوام ۾ سخت ڪاوڙ پکڙجي وئي آهي ۽ اهڙي جارحيت ناقابل قبول آهي، شهباز شريف واضح ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي بچاءَ لاءِ جوابي قدم کڻڻ جو مڪمل حق محفوظ رکي ٿو، پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ڏکڻ ايشيا جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اظهار ڪيل ڳڻتي کي ساراهيو آهي، ٽيليفوني ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته آمريڪا ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي گهري نظر رکي رهيو آهي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، هن زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي گهرجي ته هو ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن، جيئن خطي ۾ جاري تڪرار جي خاتمي لاءِ مثبت پيشقدمي ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.