پنجاب اسيمبلي ۾ ڀارت جي بزدلاڻن حملن خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

لاهور(م ڊ)پنجاب اسيمبليءَ ۾ ڀارت جي بزدلانه حملي خلاف سخت لفظن ۾ مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي، جيڪا حڪومتي ميمبرن احمد خان لغاري ۽ علي احمد خان لغاري طرفان جمع ڪرائي وئي،قرارداد ۾ پاڪستان کي پرامن ملڪ قرار ڏيندي  چيو ويو ته ملڪ پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ وقار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو،قوم پاڪ فوج سان گڏ بيهندي ۽ ڀارت جي جارحيت خلاف ديوار بڻجي بيهندي۔قرارداد ۾ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو ته ڀارت جي جارحاڻي پاليسين جو نوٽيس ورتو وڃي،اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان ڀارتي وزيراعظم کي هٽلر جهڙي سوچ وارو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سالميت تي حملو ناقابل برداشت آهي، ۽ ملڪ پنهنجي دفاع لاءِ هر قدم کڻڻ جو حق رکي ٿو۔

  • سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي جارحيت جي مذمت، شهيدن کي ڀيٽا

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي، ججن شهيدن لاءِ فاتحا خواني ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ تعزيتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ معصوم شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ جي ججن ڀارتي فوج جي بي سبب حملي جي سخت مذمت ڪئي. اجلاس دوران، ججن شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سپريم ڪورٽ جي ججن معصوم زندگين جي حفاظت لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ قوم سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

  • ڇڪتاڻ وارين حالتن سبب نيشنل هيلٿ ايمرجنسي سينٽر قائم

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب صحت جي قومي اداري اين آءِ ايڇ ۾ نيشنل هيلٿ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو، هي مرڪز صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان 24 ڪلاڪ رابطي ۾ رهندو. اين آءِ ايڇ ۾ صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي صدارت هيٺ هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبن جي صحت بابت ڊائريڪٽر جنرلن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته صحت واري وزارت ۽ ماتحت ادارا هاءِ الرٽ رهن. ڀارت مان درآمد ڪيل دوائن لاءِ متبادل انتظامن کي يقيني بڻائڻ تي زور جي هدايت ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.