ڀارت ڪوشش ڪئي ته نيلم جهلم بجلي گهر جو ڍانچو تباهه ٿئي: واپڊا چيئرمين

لاهور(م ڊ) واپڊا چيئرمين ليفٽننٽ جنرل (ر) سجاد غني ڀارتي حملي کان متاثر ٿيل نيلم جهلم هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جو دورو ڪيو، جتي لائن آف ڪنٽرول جي ويجهو نوشهري ۾ واقع ڊيم سائيٽ تي ٿيندڙ نقصان جو جائزو ورتو ۽ حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، واپڊا چيئرمين جو چوڻ آهي ته ڀارت رڳو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ جي ڊيم کي نه، پر ويجهي آبادي کي به نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، چيئرمين واپڊا چيو آهي ته ڀارت نيلم جهلم بجلي گهر کي نشانو بڻائي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، نقصان جو اندازو لڳايو پيو وڃي ۽ فني ماهر ان تي ڪم ڪري رهيا آهن، چيئرمين واپڊا جو چوڻ آهي ته نيلم جهلم ۾ پاڻي جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي، ڀارت جي ڪوشش هئي ته نيلم جهلم جي ڍانچي کي نقصان پهچايو وڃي، جنهن تي اسان جي فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪئي، هن چيو ته بجلي جي پيداوار ته واپڊا جي ذميواري آهي، پر ان جي ڊسٽريبيوشن واپڊا جي ذميواري ناهي، هن اهو به واضح ڪيو ته هن پروجيڪٽ ۾ ڪو به غيرملڪي اسٽاف شامل ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.