اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي ته قوم کي يقين رکڻ کپي ته ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ضرور ڏنو ويندو، قوم کي پيغام ڏيڻو چاهيان ٿو ته توهان جي سيڪيورٽي محفوظ هٿن ۾ آهي، جواب ضرور ايندو، ڀرپور ايندو، ڪڏهن ايندو، اهو فيصلو پاڪ فوج تي ڇڏيو ويو آهي، قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي عطاالله تارڙ چيو ته مان حڪومت سان گڏ اپوزيشن جو به شڪريو ادا ڪريان ٿو، ڇو ته سڄي قوم هن وقت متحد آهي، ڪجهه حقيقتون ايوان جي سامهون رکڻ چاهيان ٿو ته رات جي اوندهه ۾ بزدل دشمن حملو ڪيو، پر ڀرپور جوابي ڪارروائي تي شرمندگي لڪائڻ لاءِ ڀارت هاڻ پنهنجي حڪمتِ عملي تبديل ڪئي آهي، هن چيو ته ايل او سي تي ڀارت جا 50 جي لڳ ڀڳ فوجي ماريا آهن.