جنگ نقصانڪار، 72 سيڪڙو پاڪستاني امن جا خواهشمند

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستاني عوام گڏيل موقف اختيار ڪندي وطن جي حفاظت لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهڻ جو عزم ورجايو آهي.
گيلپ پاڪستان جي نئين سروي موجب 93 سيڪڙو پاڪستانين وطن جي دفاع لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
سروي دوران ڀارت سان ڇڪتاڻ باوجود 72 سيڪڙو پاڪستانين امن جي ڳالهه ڪندي جنگ کي نقصانڪار قرار ڏنو ۽ ان کان بچڻ جو مشورو ڏنو، جڏهن ته 27 سيڪڙو ماڻهن ڀارتي حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي حمايت ڪئي.
ياد رهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت آزاد ڪشمير جي مظفر آباد، ڪوٽلي، باغ، مريدڪي ۽ شڪر ڳڙهه سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران 31 پاڪستاني شهيد ۽ 57 زخمي ٿيا.
پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏيندي 3 رافيل جهازن سميت ڀارت جا 5 جهاز تباهه ڪيا، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ ڪيترين ئي ڀارتي چيڪ پوسٽن کي به نشانو بڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.