ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار فيصل قريشي چيو آهي ته اسلام مرد کي چئن شادين جي اجازت نٿو ڏئي پر ان لاءِ هڪ حد مقرر ڪئي وئي آهي.
هڪ تازي پوڊڪاسٽ دوران ميزبان پاران چئن شادين بابت سوال تي فيصل قريشي چيو ته”اسلام بابت جيترو اسان پڙهيو ۽ ٻڌو آهي، ان موجب مرد کي چار شاديون ڪرڻ جي اجازت ناهي، پر حد مقرر آهي.“
فيصل قريشي جو چوڻ هو ته اسلام ۾ مرد لاءِ چئن شادين جي حد انڪري مقرر ڪئي وئي آهي جو هو ان کان وڌيڪ انصاف نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته مرد لاءِ بهتر اهو آهي ته هو رڳو هڪ ئي شادي ڪري.
هن حضرت آدم عليه السلام ۽ امان حوا جي مثال ڏيندي چيو ته ” الله پاڪ حضرت آدم لاءِ رڳو امان حوا کي پيدا ڪيو، پوءِ احد جي واقعي وقت جڏهن گهڻا ماڻهو شهيد ٿيا ته مرد لاءِ 4 شادين جي اجازت ڏني وئي.“
اداڪار وڌيڪ چيو ته ”ان موضوع تي ڪو به عالم مون کان وڌيڪ بهتر انداز سان وضاحت ڪري سگهي ٿو.“
You might also like