ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪ فوج ڀارتي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪ فوج جي ڀرپور ڪارروائيءَ ۾ ڪيترائي ڀارتي فوجي مارجي ويا آهن.
هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ميزائل پروگرام ڏئي پاڪستان کي ناقابلِ شڪست بڻايو.
شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان پهلگام واقعي تي ڀارتي الزامن کانپوءِ اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميري ڀائرن سان هر مشڪل گهڙي ۾ گڏ رهيو آهي ۽ رهندو.