گوگل جي چيٽ بوٽ ”جيمنائي“ ۾ هاڻي تصويرون به سولائي سان ايڊٽ ڪري سگهبيون
گوگل پنهنجي اي آءِ چيٽ بوٽ ”جيمنائي“ ۾ نئون فيچر شامل ڪيو آهي، جنهن سان واهپيدارن هاڻي تصويرن کي پنهنجي مرضي ءَ موجب ايڊٽ ڪري سگهن ٿا.
هن نئين فيچر سان تصويرن جو پس منظر بدلائڻ، ڪنهن کي نئون لباس پهرائڻ، يا تصوير مان شيون هٽائڻ ممڪن هوندو.
نئين فيچر تحت توهان کي جيمنائي کي رڳو اهو ٻڌائڻو پوندو ته تصوير ۾ ڪهڙي تبديلي ڪرڻي، پوءِ چيٽ بوٽ پاڻمرادو اوهان جي هدايتن موجب تصوير ۾ ڦيرڦار ڪندو.
هاڻي واهپيدار هڪ ئي وقت ڪيئي فائيلونن (پي ڊي ايف، تصويرون وغيره) اپلوڊ ڪري تجزيو ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته پهرين رڳو هڪ فائيل اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت هئي.
گوگل جو چوڻ آهي ته اي آءِ ذريعي تيار ڪيل تصويرن ۾ ٻه واٽرمارڪ لڳايا ويندا، هڪ صاف نظر ايندڙ ۽ ٻئي جي سافٽويئر سان نشاندهي ٿيندي.
نئون فيچر خاص طور تي استادن، ڊزائينرن ۽ آرڪيٽيڪٽن لاءِ فائديمند آهي، جيڪي پنهنجو ڪم جلدي ۽ سادي نموني پيش ڪرڻ چاهين ٿا.
گوگل چيٽ بوٽ” جيمنائي“ ۾تصويرون ايڊٽ ڪرڻ وارو فيچر پيش، استعمال جو طريقو ڄاڻيو
You might also like