پي آءِ اي پاران مسافرن لاءِ اهم هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايئر لائين جي ترجمان مسافرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو هوائي اڏي تي اچڻ کان اڳ ڪال سينٽر سان رابطو ڪن.
پي آءِ اي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده سيڪيورٽي صورتحال سبب پاڪستان ۾ فضائي آپريشن متاثر ٿي رهيو آهي، ڪجهه روٽس کي احتياطي طور تي محدود ڪيو ويو آهي جنهن سبب ان شعبي جون اُڏامون متاثر ٿين ٿيون.
ترجمان موجب، روٽس جي عارضي بندش ملڪي ايئر لائينز جي اثاثن ۽ مسافرن جي حفاظت خاطر ڪئي ويندي آهي، مسافرن کان درخواست ڪئي وئي آهي ته معاملي جي حساسيت کي سمجھن ۽ ايئر لائين جي عملي سان سگهڪار ڪن.
ترجمان وڌيڪ چيو ته مسافرن جي سهولت لاءِ ڪال سينٽر تان سندن دستياب فون نمبر تي اطلاع ڏنو پيو وڃي ، مسافرن جي جي سار سنڀال سان گڏ سندن رهائش ۽ کاتي پيتي جو بندوبست پڻ ڪيو پيو وڃي.
ترجمان مسافرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو هوائي اڏي تي اچڻ کان اڳ ڪال سينٽر سان رابطو ڪن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب ڪراچي ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن عارضي طور تي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽ جو فلائيٽ آپريشن بحال ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.