ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ اڄ ڪڪرن جي وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اولهندو سسٽم ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولن علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اهو سسٽم اڄ کان ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي سنڌ جي ڪيئي علائقن ۾ آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ڪراچي جي ڀرپاسي اڄ کان ڇنڇر جي وچ ڌاران برسات ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي ڪراچي جي موسم بابت وڌيڪ ٻڌايو ته شهر ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جنهن دوران گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
You might also like