اسلام آباد، لاهور ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽ جو فلائيٽ آپريشن بحال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽ جو فلائيٽ آپريشن بحال ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب ملڪ جي مختلف هوائي اڏن تي فلائيٽ آپريشن معطل ڪيو ويو هو.
پر هاڻي جن ايئرپورٽن کي بند ڪيو ويو هو، انهن کي آپريشن لاءِ بحال ڪيو ويو آهي.
پي آءِ اي ترجمان موجب، لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽن جو آپريشن بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي ايئرپورٽ جو آپريشن اڃا تائين معطل آهي.
پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي ترجمان موجب، لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽس فلائيٽ آپريشن لاءِ موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.