اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ سيڪيورٽي فورسز ايل او سي تي دشمن جا 40 کان 50 فوجي ماريا، جيڪا تمام وڏي فتح آهي.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته بزدل ڀارت رات جي اونداهي ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو، هن دنيا جي جديد ترين ٽيڪنالاجي رافيل جي صورت ۾ استعمال ڪئي، ڀارت کي ڏاڍو تڪبر هو جيڪو ڌوڙ ٿي ويو.
هن چيو ته پاڪستان قوم هر موقعي تي گڏجي ويندي آهي، پنج آڱريون گڏجي هڪ زوردار مُڪو ثابت ٿينديون آهن، اسان ڀارتي جهاز نه پر ڀارت جو تڪبر مٽي ۾ ملايو آهي، پنهنجن شاهينن کي سلام پيش ڪيون ٿا جن ڀارت کي ان جي اوقات ياد ڏياري.
هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي بزدلاڻن حملن جو پاڪستان جواب ضرور ڏيندو،
ايل او سي تي ڀارت جا 50 فوجي ماريا آهن، پاڪستان اهڙو پلاند وٺندو جو دنيا ياد ڪندي: عطا تارڙ
You might also like