اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان جديد اسرائيلي ساخت ”هيروپ“ ڊرونز ذريعي پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جو پاڪ فوج سخت جواب ڏيندي 26 جاسوس ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا، فوجي ڪارروائين دوران ڊرونز جو ملبو ڪِرڻ سبب 2 شهري شهيد ۽ 4 زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي علائقن ملير، شرافي ڳوٺ ۽ گلشن حديد ۾ 2 ڊرون تباهه ٿيا، جتي ڪو به جاني ناهي ٿيو.
گھوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ سرفراز لغاري ۾ ڊرون جو ملبو ڪِرڻ سبب مختيار نالي هاري شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس والد زخمي ٿي پيوآهي.
لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀارتي جاسوس ڊرون تباهه ڪيا ويا.
لاهور جي والٽن روڊ ۽ ڊفينس واري علائقي ۾ 3 ڊرون تباهه ڪيا ويا، راولپنڊي ۾ به 3 ڊرون ڪيرايا ويا، جن مان هڪ ريس ڪورس گرائونڊ ۽ ٻيو رومي روڊ تي بنگلي تي ڪِري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ماڻهو زخمي ٿيا.
ان کانسواءِ گوجرانوالا جي ڳوٺ پير جهنڊ ۽ واهنڊو جي ڳوٺ ٽوڪريان مان به ڊرونز جو ملبو هٿ آيو آهي. شيخوپوره جي ڳوٺ باهومان، چڪوال جي ڊومڻ ٿاڻي جي حدن، بهاولپور ڀرسان چولستان ۽ اٽڪ جي ڊوڪ اعواڻ واري علائقي ۾ به ڊرون ڪيِرايو ويو، اٽڪ ۾ ڊرون جو ملبو ڪِرڻ سبب محبوب نالي شهري شهيد ٿي ويو.
نارووال ۾ شهرين ڀارتي جاسوس ڊرون پڪڙي ورتو. فورسز طرفان ٻين سرحدي علائقن ۾ به اسرائيلي ساخت ڊرونز کي تباهه ڪيو ويو.
واضح رهي ته 22 اپريل تي پهلگام ۾ سياحن جي مارجڻ کان پوءِ ڀارت 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان جي شهري علائقن تي هوائي حملا ڪيا،
ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندي آزاد ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي، مظفرآباد، ۽ پنجاب جي مريدڪي ۽ احمدپور شرقيه ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران ٻه مسجدون شهيد ٿيون، حملن جي نتيجي ۾ 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿيا.
پاڪ فوج ڀارتي بزدلاڻي ڪاروائين جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي هوائي فوج جا 3 رافيل جھاز، هڪ مگ 29، هڪ ايس يو 30 جھاز، هڪ ڊرون ۽ ڀارتي بريگيڊ هيڊڪوارٽر به تباهه ڪري ڇڏيا.
پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائيءَ کانپوءِ ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اَڇو جهنڊو لهرائي شڪست تسليم ڪري ورتي هئي.
ڀارت جا پاڪستان ۾ جديد اسرائيلي ”هيروپ“ ڊرونز ذريعي حملا، پاڪ فوج 26 ئي ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا
You might also like