ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ باڪسنگ ٽائٽل جي فاتح لياري سان تعلق رکندڙ 19 ورهين جي باڪسر عاليه سومرو ملاقات ڪئي، جنهن دوران وڏي وزير کيس 10 لک رپين جي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
ملاقات ۾ صوبائي وزير علي حسن زرداري، ميئر ڪراچي مرتضى وهاب، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ايم پي ايز شازيه ڪريم ۽ محمد يوسف بلوچ به شريڪ هئا.
وڏي وزير ورلڊ ٽائٽل کٽڻ تي عاليه سومرو جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته عاليه سومرو پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪيو، اسان کي مٿس فخر آهي.
مراد علي شاهه عاليه سومرو کي هدايت ڪئي ته هوءَ هاڻ ايشيئن گيمز جي تياري ڪري، ان کانسواءِ هن کيس يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت هر ممڪن مدد لاءِ ساڻس گڏ آهي.
وڏي وزير پاران اها به آڇ ڪئي وئي ته جيڪڏهن کيس ڪوچ جي ضرورت پئي ته سنڌ حڪومت طرفان ان جو بندوبست ڪيو ويندو.
ترجمان موجب، عاليه سومرو هن وقت ٿائيلينڊ ۾ ٽريننگ ڪري رهي آهي ۽ ٻه مهينا پوءِ دبئي ۾ سندس مقابلو هڪ ڀارتي باڪسر سان طئي ٿيل آهي.