راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته گذريل رات ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا، جن کي پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪري ناڪام بڻايو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ڀارت، لاهور، چڪوال، راولپنڊي، اٽڪ، بهالپور، ڇور، مياڻو، گوجرانوالا ۽ ڪراچي جي ويجهو 25 هنڌن تي جديد اسرائيلي”هيروپ“ ڊرون موڪليا، جن کي ”سوفٽ ڪِل“ ۽ ”هارڊ ڪِل“ ٽيڪنالاجي ذريعي تباهه ڪيو ويو.
ترجمان ٻڌايو ته ڪارروائي دوران لاهور ۾ پاڪ فوج جا 4 آفيسر زخمي ٿيا جڏهن ته سنڌ جي علائقي مياڻو ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو. تباهه ٿيل سڀني ڊرونز جو ملبو لاڳاپيل علائقن ۾ موجود آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي سنگين غلطي ڪئي، جنهن جا ان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.
هن چيو ته ته ” ڀارت عقلمندي جا هڙئي رستا وڃائڻ جي ويجهو آهي، ڀارت جي رات پيٽ ۾ ڪيل حملن جومنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دنيا ڏسي رهي آهي ته ڀارت نه رڳو هن خطي پر عالمي امن لاءِ به خطرو بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي سرزمين جي تحفظ لاءِ هر سطح تي جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
واضح رهي ته 22 اپريل تي پهلگام ۾ سياحن جي مارجڻ کان پوءِ ڀارت 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان جي شهري علائقن تي هوائي حملا ڪيا،
ڀارتي فوج رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪندي آزاد ڪشمير جي علائقن ڪوٽلي، مظفرآباد، ۽ پنجاب جي مريدڪي ۽ احمدپور شرقيه ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن دوران ٻه مسجدون شهيد ٿيون، حملن جي نتيجي ۾ 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 ڄڻا زخمي ٿيا.
پاڪ فوج ڀارتي بزدلاڻي ڪاروائين جو ڀرپور جواب ڏيندي ڀارتي هوائي فوج جا 3 رافيل جھاز، هڪ مگ 29، هڪ ايس يو 30 جھاز، هڪ ڊرون ۽ ڀارتي بريگيڊ هيڊڪوارٽر به تباهه ڪري ڇڏيا.
پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائيءَ کانپوءِ ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اَڇو جهنڊو لهرائي شڪست تسليم ڪري ورتي هئي.