پاڪ –ڀارت ڇڪتاڻ سبب پي ايس ايل ڪراچي منتقل، راولپنڊي ۾ رٿيل اڄوڪي ميچ ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت سان وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سلامتي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پي ايس ايل جي ڏهين سيزن جون باقي ميچون ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جڏهن ته اڄ راولپنڊي ۾ شيڊيول ميچ ملتوي ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، پي ايس ايل جون رهيل ميچ هاڻي ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون، جڏهن ته اڄ راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي جي ميچ ملتوي ڪئي وئي آهي.
پي سي بي طرفان اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ضرورت محسوس ٿيڻ جي صورت ۾ پي ايس ايل جون باقي ميچون دبئي منتقل ڪرڻ جو آپشن پڻ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.