ڪراچي(رپورٽر) صوبي جي صحت کاتي موجب سنڌ جي سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سموري طبي عملي جون موڪلون فوري طور تي ختم ڪيون ويون آهن، صحت کاتي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي سڀني اسپتالن ۾ عملي کي 24 ڪلاڪ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايمرجنسي ريسپانس يونٽن کي به الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي،کاتي جو چوڻ آهي ته ايمبولينس، آڪسيجن،آءِ وي فلوئڊز ۽ دوائن جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويندو۽ جيڪڏهن ڪا به غفلت نظر آئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي،ان کانسواءِ ريسڪيو 1122ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ويجهو رابطو رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ سڀني ايمرجنسي ڪيسن سان مڪمل ڌيان ۽ احتياط سان پيش اچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.