اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هي 2003 ناهي جو ڪو چوي ته مسلمان دهشتگرد آهن ۽ اسان اهو ٻڌون، ڀارت رات جي اونداهي ۾ ٻارن کي نشانو بڻايو، قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت جي بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪيون ٿا ۽ شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺا آهيون، رات جي اونداهي ۾ چور ۽ بزدل حملو ڪندا آهن، جن ۾ جرئت هوندي آهي، اُهي ڏينهن ۾ مقابلو ڪندا آهن، ڀارت رات جي اونداهي ۾ ٻارن کي نشانو بڻايو، دهشتگردي جا الزامن اسان ڪيستائين ٻڌندا رهنداسين؟ هي 2003 ناهي جو ڪو چوي ٿو ته مسلمان دهشتگرد آهن ۽ اسان اهو ٻڌون، 2 هفتن کان ڀارت پاڪستان تي ڪوڙا الزام مڙهي رهيو آهي، پاڪستان اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو، پاڪستان سچ ۽ ڀارت ڪوڙ سان گڏ بيٺو آهي، ڀارت کي سڄي دنيا ۾ وائکو ڪنداسين پاڪستان جي هوائي فوج کي سلام پيش ڪيان ٿو، هوائي فوج ڀارت جا پنج جهاز تباهه ڪري ڇڏيا، اسان جنگ جا حامي نه آهيون، دشمن جي هر حملي کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت رکون ٿا، ڀارت جي ڀُل آهي ته اسان حملي تي خاموش ويهنداسين، ڀارتي جهاز مڇرن وانگر ڪِيرايا ويا، جيڪڏهن حملو ٿيو ته ڀارت جا جهاز ٻيهر تباهه ڪنداسين.