ڀارت کي حملي جو نتيجو ڀوڳڻو پوندو، شهيدن جي رت جي هر ڦڙي جو حساب وٺنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڀارت جارحيت ڪري وڏي غلطي ڪئي آهي، ڀارت کي ان جونتيجو ضرور ڀوڳڻو پوندو، ڀارت شايد سمجهي ويٺو هو ته پاڪستان پوئتي هٽي ويندو، پر هو اهو وساري ويٺو ته هي قوم فولادي عزم رکندڙ ماڻهن جي آهي، جن جي رڳ رڳ ۾ وطن لاءِ قرباني جو جذبو موجود آهي، ۽ جن جي سپاهين پاڻ کي ميدانِ جنگ ۾ ثابت ڪيو آهي، جيڪي رت جي آخري ڦڙي تائين وطن خاطر ويڙهه لاءِ تيار آهن، هن چيو ته گذريل رات دنيا ڏٺو ته عدد ۾ ڪيترائي ڀيرا وڏو دشمن صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي ويو ۽ الله تعاليٰ جي فضل سان پاڪستان جي شاهينن فضا ۾ اهڙو طوفان آندو جو دشمن جون دانهون نڪري ويون ۽ هوش خطا ٿي ويا، هن چيو ته ڀارت جا پنج جنگي جهاز، جيڪي ان جي تڪبر جا نشان هئا، هاڻي صرف ڦلهيار، ملبو ۽ عبرت جو نشان بڻجي ويا آهن، وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان طرفان ڏنل جواب ڪنهن معمولي ردعمل کان وڌيڪ، هڪ تاريخي مثال هو، جنهن ۾ اسڪواڊرن ليڊر ايم ايم عالم جي گونج ٻيهر فضا ۾ گجگوڙ بڻجي سامهون آئي، پاڪستان جي شاهينن اهڙي ڪاري ضرب لڳائي، جن جا نشان وقت به مٽائي نه سگهندو. هن ڀارتي حملي کي بزدلاڻو حملو قرار ڏيندي افسوس ظاهر ڪيو ته ان حملي ۾ 26 بيگناهه شهري شهيد ۽ 46 زخمي ٿيا، جن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ بي قصور عورتون به شامل آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي شهيدن جي رت جي هر قطري جو حساب وٺندو، ڇاڪاڻ ته هي اهو بزدل دشمن آهي، جيڪو بيگناهه ۽ هٿين خالي انسانن تي وار ڪري پاڻ کي طاقتور سمجهي ٿو، پر گذريل رات اسان ثابت ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، هن چيو ته سڄي قوم پنهنجي بهادر افواج کي سلام پيش ڪري ٿي، جن جي بهادري، پيشوراڻي مهارت ۽ بي مثال جرئت سان دشمن جي غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو، لائن آف ڪنٽرول تي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ جاري رهندڙ فضائي ويڙهه دوران پاڪستاني پائلٽن پنهنجي سرحدن اندر رهندي اهڙي حڪمت، تيزي ۽ بي خوفي سان دشمن جا جهاز تباهه ڪيا، جو دنيا حيران رهجي وئي، شهباز شريف چيو ته گذريل رات جي معرڪي ۾ پاڪستان نه صرف پنهنجي دفاعي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو، پر روايتي هٿيارن جي جنگ ۾ به پنهنجي برتري هڪ ڀيرو ٻيهر دشمن تي ثابت ڪري ڇڏي، هن تاريخي لمحي تي چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر مارشل ظهير احمد بابر، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سميت هر ان سپاهي ۽ آفيسر کي سلام پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته پاڪستان جو دشمن ڀلي ڪيترو به ڪوڙو بيانيه ٺاهي، پر 24 ڪروڙ عوام کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي، پهلگام واقعي جي آڙ ۾ ڀارتي حملو بي بنياد، بنا جواز ۽ عالمي قانونن جي کلي ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ طور ان واقعي جي غيرجانبدار، شفاف جاچ جو اعلان ڪيو، جنهن کي عالمي برادري به ساراهيو، پر ڀارت ان جي ابتڙ جارحيت جو رستو اختيار ڪري خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو، شهباز شريف واضح ڪيو ته گڏيل قومن جي قراردادن ۽ بين الاقوامي قانونن موجب والاريل جمون ڪشمير هڪ مسلمه تڪرار آهي، جيڪو ان وقت تائين حل نه ٿيندو جيستائين ڪشميري عوام کي اقوام متحده جي نگراني هيٺ آزاد، غيرجانبدار ماحول ۾ پنهنجو فيصلو ڪرڻ جو حق نه ملي، هن چيو ته ڀارت ڀلي سئو يڪطرفا فيصلا ڪري، پر اهو حقيقت کي ڪڏهن به نٿو مٽائي سگهي، پاڪستان دهشتگردي جي جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، 90 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانيون قربان ٿيون، جڏهن ته ملڪ 152 ارب ڊالرن کان مٿي جي مالي نقصان جو بار برداشت ڪيو، ڀارت جي اها خام خيالي آهي ته ان جي موجوده مهم جوئي، دهشتگردي خلاف جنگ تان ڌيان هٽائي سگهندي، پاڪستان اها جنگ پنهنجي انجام تائين پهچائيندو، ڇو ته ملڪ جي عزت، سالميت ۽ دفاع لاءِ فوج ۽ عوام هڪ جسم، 2 دليون آهن، 24 ڪروڙ پاڪستاني پنهنجي فوج سان گڏ بيهي ڪنهن به دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ لاءِ مڪمل طرح تيار آهن.

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دشمن گذريل رات جي اوندهه ۾ پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي، پر اسان جي بهادر فوج ڀارت جي ڪريل حملي جو ڀرپور جواب ڏئي، اوندهه ۾ ٻڏل رات کي چانڊوڪي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مان پاڪستاني عوام، هن ايوان ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن کي دل جي گهراين سان واڌايون ڏيان ٿو، گذريل رات جيڪا گذري، ان کي اسان جي دشمن اوندهه جي رات سمجهي، ماضي وانگر لڪ ڇپ ڪري پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي، پر الله جي فضل ۽ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي دعائن سان، اسان جي بهادر ۽ دلير فوج ڀارت جي هن ناپاڪ حملو جو ڀرپور ۽ منھن ٽوڙ جواب ڏئي، ان رات کي چانڊوڪي رات ۾ بدلائي ڇڏيو، حملي ۾ ڪيترائي پاڪستاني شهيد ٿيا، جن ۾ ٻار، عورتون به شامل آهن. مان ايوان کي گذارش ڪريان ٿو ته انهن شهيدن جي بلند درجات لاءِ دعا ڪئي وڃي، وزيراعظم چيو آهي ته ڪجهه وقت اڳ دهشتگردن بلوچستان ۾ هڪ ريل گاڏي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ پابندي مڙهيل بي ايل اي سان گڏ ٽي ٽي پي جا دهشتگرد به شامل هئا، ۽ انهن جي مدد ۽ لاڳاپا ڀارت سان جڙيل هئا، جنهن جا ناقابل ترديد ثبوت پاڪستان وٽ موجود آهن، پاڪستان جون هٿياربند فوجون هر وقت تيار هيون، رڳو اهو انتظار ڪري رهيون هيون ته دشمن جا جهاز ڪڏهن اڏامڻ شروع ڪن ته انهن کي کڻي سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي، ڀارت جيڪي رافيل جهاز خريد ڪيا آهن، انهن تي تمام گهڻو فخر ڪري ٿو، پر فخر ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، دشمن سان مقابلو الله تعاليٰ جي فضل ۽ اعتماد سان ڪبو آهي، وزيراعظم ٻڌايو ته 29 اپريل تي پاڪستان رافيل جهازن جي رابطي واري نظام کي لاڪ ڪري ڇڏيو هو، جنهن سبب دشمن کي سمجهه ۾ ئي نه آيو ته ساڻن ڇا ٿيو، نتيجي طور اهي جهاز فوري طور واپس مڙيا ۽ سڌو وڃي سري نگر ۾ لٿا، شهباز شريف واضح ڪيو ته اسان کي اڳواٽ خبرون ملي رهيون هيون، اسان ڀارت جي بڇڙن ارادن کان مڪمل طور باخبر هئاسين، گذريل رات دشمن پوري تياري سان آيو، ان حملي ۾ ڀارت جا 80 جهاز شامل هئا، جن ڇهن مختلف شهرن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته پاڪستان جا عقاب مڪمل تياري سان الرٽ هئا ۽ اسان جا جهاز پاڪستان جي سرحدن کان ٻاهر نه ويا، اسان احتياط کان ڪم نه وٺون ها ته ڀارت جا 5 بدران 10 جهاز ڪِرن ها، جيڪي چون ٿا ته پاڪستان روايتي جنگ ۾ پوئتي آهي، انهن کي رات خبر پئجي وئي، جنهن طريقي سان دشمن کي جواب ڏنو ويو، ان کان پوءِ هاڻ ٻيا ملڪ به پاڪستان ڏانهن نه رڳو ڏسندا، پر مدد لاءِ به رجوع ڪندا، وزيراعظم چيو ته پاڪستان 24 ڪروڙ عوام تي ٻڌل هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو ايٽمي طاقت رکندڙ آهي، وزيراعظم چيو ته مان اڄ پاڪستان تحريڪِ انصاف سميت ايوان ۾ موجود سمورين جماعتن کي چوان ٿو ته اچو، اڄ جي ڏينهن گڏ ٿيون ۽ پاڪستان کي هڪ عظمت وارو ملڪ بڻايون، ان کان وڌيڪ بهتر موقعو ٻيهر نه ملي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.