اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻن پارليامينٽ هائوس جي مک در آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، بيرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا، عامر ڊوگر، احمد چٺا، شاندانا گلزار سميت مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. بيرسٽر گوهر چيو ته پارٽي ميٽنگ ۾ قومي مفاد ۾ حڪومتي ٺهراءُ بنا تبديلي جي قبول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ۽ ڀارت خلاف گڏيل موقف رکڻ لاءِ اسيمبلي ۾ شريڪ رهياسين. ان باوجود، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات جي اجازت نه ملي، جيڪا قانون ۽ انصاف جي ابتڙ آهي. بئريسٽر گوهر چيو ته اسان کي فسادي ٽولو چيو وڃي ٿو، اهڙي رويي کانپوءِ عوام فيصلو ڪري ته فسادي ٽولو ڪير آهي، سڀ کان وڏي پارٽي جي اڳواڻ سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، اسان کي مڇرائي ملڪ خلاف بيان نٿو وڃي سگهجي، ڀارت خلاف اسان جو بيانيو هڪ آهي. عمر ايوب الزام لڳايو ته اپوزيشن جي تقريرن کي نشر نه ڪيو ويو، اڊياله جيل ۾ پوليس پاران تشدد ڪيو ويو، ۽ ميمبرن کي پارليامينٽ تائين اچڻ کان روڪيو ويو. هن چيو ته پارليامينٽ کي رڳو دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ رکيو ويو آهي، اسان اڄ قومي اسيمبلي ۾ موقف پيش ڪنداسين، وزيراعظم جي اهڙي آجيان ڪنداسين جو ياد رکندو، اسان جي ميمبرن کي خلائي مخلوق وارا فون ڪن ٿا ته سٺي ڳالهه ڪريو. اڊيالا جيل ۾ اوچتو ڀاڄ پئجي وئي ۽ مار ڪٽ شروع ڪئي وئي، شهباز شريف کي ٻڏي مرڻ گهرجي. اسد قيصر چيو ته اسپيڪر کان ملاقات لاءِ اپيل ڪئي، پر ٻيهر چونڊيل ميمبرن جي بيعزتي ٿي رهي آهي، پوليس خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين. سلمان اڪرم راجا عدليا کي بي اثر قرار ڏيندي چيو ته مخصوص سيٽون روڪڻ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي. عامر ڊوگر ٻڌايو ته ملاقات جي ڏينهن تي پوليس ڪارڪنن ۽ عمران خان جي ڀينرن سان بدسلوڪي ڪئي. ان کان اڳ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ملاقاتن جي ڏينهن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جون ٻه ڀينرون عظميٰ خان ۽ نورين خان ملاقات لاءِ پهتيون، جڏهن ته عليما خان ۽ ٻين اڳواڻن کي ملاقات جي اجازت نه ملي. گورکپور ناڪي تي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي، پوليس عامر ڊوگر کي ڌڪا ڏنا، لٺبازي ڪئي وئي. عليما خان، سلمان صفدر، عمر ايوب، اسد قيصر سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گورکپور ناڪي تي روڪيو ويو. پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ ٿي جنهن دوران ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا، ڪارڪنن ڌرڻو هنيو ۽ جيل ڏانهن مارچ ڪيو، پوليس ڪارڪنن کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. آخر ۾، اجازت تي عمران خان جون 2 ڀينرون ۽ قاسم خان جيل اندر ملاقات لاءِ هليا ويا، جڏهن ته عليما خان کي اجازت نه ملي.