صحافي جان محمد مهر جو قاتل شيرو مهر پوليس آپريشن ۾ مارڻ جي دعويٰ

سکر / شڪارپور / لکي غلام شاهه (نمائندن وٽان) شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرل عرف شيرو مهر شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ نصر قادراڻي جتوئي ۾پوليس آپريشن دوران مارجي ويو. پوليس موجب، ڊرون ذريعي اطلاع ملڻ تي آپريشن دوران مارٽر گولو فائر ڪيو ويو، جنهن ۾ شيرو مهر مارجي ويو، سندس لاش لکي غلام شاهه سول اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. 20 مهينا اڳ سکر ۾ نجي ٽي وي جي رپورٽر جان محمد مهر کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن بعد پي ايف يو جي، ايس يو جي، سکر پريس ڪلب ۽ لالا اسد پٺاڻ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي تحريڪ هلي، جيڪا 210 ڏينهن کان به وڌيڪ جاري رهي. شيرو مهر جي مارجڻ کي صحافين جي بي مثال جدوجهد جو نتيجو قرار ڏنو ويو آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ قاتلن جي گرفتاري لاءِ سکر ضلعي ۾ 4 ڊي آءِ جين کي ٽاسڪو ڏنو هو پر اهي شهيد جي قاتلن جي گرفتاري ۾ ناڪام رهيا. ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ موجب، شيرو مهر بدنام ڌاڙيل نصر قادراڻي جتوئي وٽ ترسيل هو، جتي آپريشن ڪري کيس انجام تائين پهچايو ويو. ڪارروائي دوران ڌاڙيل سرور قادراڻي ۽ هڪ عورت زخمي ٿيا. چار مهينن دوران ڳڙهي تيغو کان چڪ جي ڪچي جي علائقن مان پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن ۾ 28 ڌاڙيل مارجي چڪا آهن، 80 کان وڌيڪ مغوي بازياب ٿيا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار صحافي جي قاتل جي انجام تي پوليس کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته، پوليس پنهنجي جاچ سان انصاف ڪري ڏيکاريو. قاتلن کي مثالي سزا ڏيڻ صحافين جو پراڻو مطالبو هو، جيڪو هاڻي پورو ٿيو آهي.  شيرو مهر جي مارجي وڃڻ تي شهيد جان محمد مهر جي وارثن، فريادي ڪرم الله مهر، اياز احمد مهر، انور علي مهر، عامر مهر، آصف علي مهر جو چوڻ هو ته مک جوابدار شيرو مهر انجام تي پهتو، پوليس کي گهرجي ته ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري ماسٽر مائينڊ تائين پهچي، شيرو مهر جو موت ڏسي خوشي ٿي آهي.

  1. شيرو مهر دل جي دوري سبب فوت ٿيڻ جا چوٻول

لکي غلام شاهه: شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي مک جوابدار شيرل عرف شيرو مهر جي پوليس آپريشن ۾ مارجي وڃڻ واري دعويٰ تي سوال اٿڻ لڳا. علائقي ۾ چوٻولن موجب شيرل مهر مبينا طور پوليس جي ڊرون حملي ۾ نه، پر دل جي دوري سبب فوت ٿيو هو. ذريعن موجب شيرل جي موت کان پوءِ علائقي جي ڪرتا ڌرتائن پوليس ۽ وارثن جي وچ ۾ ڊيل ڪرائي، ٿيل مبينا ڊيل تحت کيس پوليس آپريشن ۾ ماريل ڏيکاريو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.