اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق کي هڪ خط لکي پنهنجي تقرير کي ’سينسر‘ ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته ’’اوهان جي رولنگ ۽ ايوان ۾ ڏنل ذاتي خاطري جي باوجود، منهنجي تقرير کي سينسر ڪيو ويو ۽ قومي اسيمبلي جي ميڊيا ۽ فوٽوگرافي ونگ پاران پارلياماني ڪارروائي ۽ بحث جي تسلسل ۾ ڄاڻي واڻي رنڊڪ وڌي وئي، هن جو چوڻ هو ته هي دٻاءُ وجهڻ جو عمل اوهان جي واضح خاطري جي ڀڃڪڙي آهي، ۽ ان سان پارلياماني معاملن جي شفافيت کي سخت نقصان پهتو آهي، ٻي پاسي قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته”اسان کان متفقه قراردادون ڇو منظور ڪرائڻ چاهيو ٿا، جڏهن اسان جي آواز اوهان کي پسند ناهي؟” گذريل ڏينهن منهنجي تقرير کي ڪٽ ڪيو ويو، جڏهن ڊي جي کان تقرير جي ڪاپي گهري ته هن چيو ته وٽس اختيار ئي ناهي۔”اسان ملڪ بابت مثبت ۽ يڪجهتي واري ڳالهه ڪئي، جيڪڏهن اسان جي ڳالهه نه ٻڌي وئي ته اسين ٻاهر پنهنجي اسيمبلي قائم ڪنداسين.