اين آءِ سي وي ڊي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن، جاچ اينٽي ڪرپشن حوالي

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ دل جي مرضن بابت قومي اداري (اين آءِ سي وي ڊي) ۾ مبينا طور اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ نئين آرڊيننس کانپوءِ هاڻي نيب بدران اينٽي ڪرپشن سنڌ ڪندي. نيب ڪراچي، چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکي، غيرقانوني ٺيڪن، رشوت، غيرقانوني ڀرتين، ۽ غيرقانوني الائونسن بابت انڪوائري جي درخواست ڪئي. خط ۾ چيو ويو ته اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي من پسند ٺيڪيدارن کي اربين رپين جا غيرقانوني ٺيڪا ڏنا ويا ۽ بدلي ۾ رشوت وصول ڪئي وئي. نيب خط ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال، مالي بدعنواني، ۽ اربين رپين جي غيرقانوني مراعتن جي شڪايتن تي جاچ جي سفارش ڪئي وئي، اها جاچ نيب بدران اينٽي ڪرپشن سنڌ ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.