ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ايف آءِ اي آفيسرن جي ڪيس ۾غير حاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسرن جا 25،25هزار رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت پاران ايف آءِ اي جي ڊي جي،اينٽي ڪرپشن سرڪل ۽ ڊائريڪٽر اسٽيٽ بينڪ سرڪل کي شوڪاز نوٽيس جاريڪري ڇڏيا آهن، عدالت پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمرشل بينڪنگ سرڪل کي 3 جون لاءِ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيوآهي،عدالت پاران ايف آءِ اي جي جاچ آفيسرن کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.