لاهور (م ڊ) لاهور ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي فار پيپلز رائيٽس، ايس اي ايف ايم اي، ايڇ ڪي پي، ۽ امن پسند ڪارڪننپاران جنگ جي مخالفت ۽ جنونيت خلاف مارچ ڪيو ويو. عاصما جيلاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ دوران شرڪت ڪندڙن ننڍي کنڊ جي عوام کي اپيل ڪئي ته هو جنگ چاھيندڙن خلاف آواز اٿارين ۽ علائقي کي تباهيءَ واري جنگ کان بچائن.