ڀارت سان ٽڪراءُ اڻٽر آهي، ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءُ واري وزير خواجه آصف خبردار ڪيو آهي ته ڀارت سان ٽڪراءُ اڻٽر بڻجي ويو آهي، ۽ اهو ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو، اسين به هٿ تي هٿ رکي نه ويٺا آهيون، اسان به تياري ڪري ڇڏي آهي، جيو نيوز جي پروگرام آج شاهزيب خانزادا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اڄ جي بريفنگ ۾ اطلاع ڏنو ويو آهي ته ڀارت طرفان جارحيت جو امڪان آهي، اسان جي سرزمين جي ڪنهن ٽڪري تي قبضو ڪرڻ جي حڪمت عملي ڀارت کي تمام گهڻي مهانگي پوندي، جيڪڏهن ڀارتي حڪمران پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي پاڻ انهيءَ پاڻي ۾ ٻڏي مرندا، ۽ جيڪڏهن ڀارت پاڻي روڪڻ لاءِ ڪا به اڏاوتڪئي ته اسين اها تباهه ڪري ڇڏينداسين، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪوبه جنگي ماحول نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.