اسلام آباد (حماد حسن) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ طبيعت جي ناسازي باوجود لنڊن مان اوچتو پاڪستان واپس آيو، سندس خاموش سفارتڪاري هاڻ اثر ڏيکارڻ لڳي آهي، ذريعن مطابق نواز شريف جا ڀارت ۾ موجود پراڻا دوست ۽ ڪجهه ريٽائرڊ سفارتڪار، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار اجيت ڊوول تائين پيغام رسائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن.پاڪستان پاران ڀارت کي گڏيل جاچ جي آڇ بعد ڀارت سفارتي محاذ تي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويو آهي. پاڪستان جي فوجي ۽ انٽيليجنس اداري جي تياري، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس، ۽ ان کان پوءِ اسحاق ڊار جي گڏيل پريس ڪانفرنس عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ مثبت تاثر ڇڏيو. عالمي برادري معاملي کان پاسيرو رهي، جنهن کان پوءِ ڀارت وٽ رڳو ڳالهين جو رستو بچيو. ان پسمنظر ۾ نواز شريف جي ذهين ۽ غيرسڌي سفارتڪاري ٻيهر اجاگر ٿي آهي.گذريل ڏينهن قومي اسمبلي ۾ حڪومت جي اعليٰ قيادت جي غير موجودگي تي مولانا فضل الرحمان ڪاوڙيل نظر آيو. خواجه آصف، ۽ داخلا وزير محسن نقوي غير حاضر رهيا. ان جي ابتڙ، پي ٽي آءِ جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب هڪ جامع تقرير ڪئي، جنهن ۾ قومي سلامتيءَ بابت تعميري تجويزون ۽ گڏيل بيانيي تي زور ڏنو ويو. حڪومت جي لاپرواهيءَ تي سياسي ۽ صحافتي حلقن مان سخت تنقيد ڪئي وئي،مولانا فضل الرحمان به اسيمبلي اجلاس ۾ غيرسنجيدگي ڏيکارڻ تي حڪومت تي ڪاوڙيل آهي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 07 مئي 2025ع تي شايع ٿيو